مذهبي تنظيم جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ شٽربند هڙتال

0
385
مذهبي تنظيم جي سڏ تي

ڪراچي: مذهبي تنظيم جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي، ملڪ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي خلاف  مذهبي تنظيم جي سڏ تي سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ شٽربند هڙتال ڪري ريليون ڪڍيون پيون وڃن

مھانگائي خلاف تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سڏ تي ڪراچي جي رستن تي ٽريفڪ معمول کان گھٽ، بازارون بند رهيون

صدر، لائيٽ ھائوس ۽ زينب مارڪيٽ سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪاروبار نه کليو، لياقت آباد،  نيو ڪراچي، ڪياماڙي ۽ ٻين علائقن ۾ جزوي طور ڪاروبار بند رهيو

لاڙڪاڻو، ڏهرڪي، ڪڙيو گهنور، ڪشمور، ٺارو شاهه، شادي لارج، ميرو خان ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي،  دادو، ڄام صاحب، اوٻاوڙو، ڀان سيد  آباد، باڊهه، ٽنڊو محمد خان، ٺل، مورو، فيض گنج ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي

اڪري چودڳي، قاضي احمد، ڪنري،  سجاول، قمبر، چمبڙ، دوڙ، پنگريو، وارهه،  سٺ ميل، نئون ديرو ۾ به شٽربند هڙتال ڪئي وئي، ڪاروبار بند رهيو، احتجاجن ۾ شهري به شامل ٿي ويا

ٺارو شاهه، مٺياڻي، ڇاڇرو، مورو ۾ شٽربند هڙتال، سٺ ميل، فيض گنج سميت مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويوجن، سانگهڙ، ميهڙ، جوهي، سڪرنڊ ۾ جزوي هڙتال رهي، ڪنڊيارو، اڪري چودڳي ۾ ڪاروبار کليل آهي

هي به پڙهندا

سنڌ پنجاب بارڊر وٽ ڌاڙيلن 9 دُهلارين ۽ فنڪارن کي اغوا ڪري ورتو