قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 193 راجنپور تي ننڍي چونڊ ۾ پي ٽي آءِ ميدان ماري ورتو

0
142
قومي اسيمبلي جي تڪ

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 193 راجنپور تي ننڍي چونڊ ۾ پي ٽي آءِ ميدان ماري ورتو، غيرحتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجن موجب تحريڪ انصاف جو اميدوار محمد محسن لغاري 90 هزار 392 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو

 ن ليگ اميدوار عمار لغاري 55 هزار 218 ووٽ کڻي ٻئي ۽ پ پ اميدوار اختر گورچاڻي 20 هزار 74 ووٽ کڻي ٽئين نمبر تي رهيو، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان طرفان محمد محسن لغاري کي ڪاميابي تي واڌايون

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته سرڪاري مشينري، نيوٽرلز ۽ اليڪشن ڪميشن جي ڳٺجوڙ باوجود عوام پي ٽي آءِ کي سوڀارو ڪيو، پي ٽي آءِ جي ڪاميابي سان پي ڊي ايم ۽ سندس سرپرست خوف ۾ وٺجي ويا آهن

هي به پڙهندا

ليفٽيننٽ جنرل (ر) امجد شعيب اسلام آباد مان گرفتار