خالي هٿين عورت خطرناڪ نانگ پڪڙي ورتو

0
471

هنوئي(دلچسپ نيوز) خالي هٿين عورت خطرناڪ نانگ پڪڙي ورتو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ويٽنام جي هڪ علائقي فوٿام ۾ هڪ عورت روڊ ڪناري نانگ ڏٺو، عورت پنهنجي گاڏي کي روڪي نانگ پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، هڪ ٻئي ڪار ۾ سوار ماڻهن منظر ڏسي ڪيميرا ۾ محفوظ ڪيو، عورت وڏي ڪوشش بعد خالي هٿن سان خطرناڪ نانگ کي پڪڙيو، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد صارفين پاران عورت جي بهادري جي تعريف ڪئي وئي. صارفين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هڪ عورت خطرناڪ نانگ پڪڙي سگهي ٿي ته پوءِ مردن کي به همت ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ويٽنام ۾ نانگ تيزي سان وڌي رهيا آهن ۽ اهي ماڻهن لاءِ خطرناڪ بڻجي ويا اهن.