چڪ ويجهو ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، نينگر مارجي ويو

0
222
ڪنڌڪو: ڌاڙيل ٽڪر سبزوئي

چڪ (ن پ ا) چڪ ويجهو ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نينگر مارجي ويو، رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ جَوايو جتوئي ۾ ڪارنهن تڪرار تان جتوئي برادري جي ٻن پاڙن ڪمالاڻي ۽ عطراڻين ۾ جهيڙ ٿي پيو، جنهن دوران ڌرين پاران هڪ ٻئي مٿان ڇتي فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 15 ورهين جو نورحسن پٽ بهادر ڪمالاڻي مارجي ويو، جڏهن ته فائرنگ سبب علائقي ۾ڏهڪاءُ ڇائنجي ويو.