مانجھند: پڇڙي جي آبادگارن جو وات ۾ سڪل گاهه وجهي ڌرڻو

0
187

مانجھند(ن پ ا) سن ۾ پاڻي کوٽ خلاف پڇڙي جي آبادگارن جي پيادل مارچ، وات ۾ سڪل گاهه وجهي انوکواحتجاج ڪري ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻي پاڻي کوٽ خلاف سخت نعري بازي ڪئي، ان موقعي تي آبادگار نادر کوسو، اقبال کوسو ۽ ٻين چيو ته هڪ هفتواڳ ايس ڊي او آبپاشي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ٻن ڏينهن جي اندر پڇڙي تائين پاڻي پهچائڻ جو يقين ڏياريو هو پر ان کي به هڪ هفتوگذري ويو ۽ پاڻي نه پهتو، جنهن ڪري زمينون تباهه ٿي رهيون آهن، هنن مطالبو ڪيو ته جيڏهن پاڻي مهيا نه ڪيو ويو ته احتجاج يتحريڪ هلائي ويندي.