حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ وڌيڪ اگهه وٺندڙ دڪاندارن ۽ ڊيري مالڪن خلاف ڪارروائي ڪري اڍائي لک کان وڌيڪ ڏنڊ وصول ڪيو ويو آهي. شهري تعلقي ۾ مختيارڪار ابوبڪر سڌايو 22 هنڌن تي ڇاپا هڻي 35 هزار رپين کان وڌيڪ ڏنڊ وصول ڪيو. هن صائمه پلازه وٽ قائم ڊيري تي ڇاپو هڻي وڌيڪ اگهه تي کير وڪرو ڪرڻ جي شڪايتن تي 10 هزار رپيا ڏنڊ وصول ڪيو. لطيف آباد ۾ 17 دڪاندارن خلاف ڪارروايون ڪري 40 هزار رپيا ڏنڊ وصول ڪيو ويو. تعلقي قاسم آباد ۾ 22 دڪاندارن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي ۽ مجموعي طور 20 هزار رپيا ڏنڊ وصول ڪيو ويو. ٻهراڙي تعلقي ۾ 1500 رپيا ڏنڊ وصول ڪيو ويو آهي. لطيف آباد جي مختيارڪار معظم شر لطيف آباد نمبر 5، 6، 7، 8 ۽ 10 ۾ ڪارروائي ڪري هڪ لک 45 هزار رپيا ڏنڊ وصول ڪيو. ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ ۽ ڊپٽي ڪمشنر فواد غفار سومرو گڏيل طور تي حيدرآباد سٽي، لطيف آباد ۽ قاسم آباد جي بازارن جو دورو ڪري اگهن جو جائزو ورتو. ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر مختلف مارٽس ۽ وڏن دڪاندارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو ماڻهن کي 10 سيڪڙو رعايت سان عام واهپي جون شيون وڪرو ڪن ته جيئن غريب ماڻهو به رمضان المبارڪ دوران خريداري ڪري سگهن. ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته هو شهر جي بازارن ۾ شڪايتي مرڪز قائم ڪري ته جئين وڌيڪ اگهه وٺندڙ دڪاندارن خلاف شڪايتن تي بروقت ڪارروائي ڪري سگهجي. شهري انتظاميا جي ڇاپن جي ڪري دڪاندارن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو ۽ جن ريڙهن ۽ دڪانن تي ريٽ لسٽون لڪايل هيون اهي فوري طور ڪڍي ريڙهن ۽ دڪانن تي هنيون ويون. ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر شهرين سان ڳالهائيندي کين صلاح ڏني ته هو وڌيڪ اگهه تي شيون وڪرو ڪندڙ دڪاندارن جي نشاندهي ڪن ته جيئن انهن خلاف ڪارروائي ڪري سگهجي.