راڌڻ پوليس پاران 6 ڄڻن کي کنڀڻ جي ڪوشش، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو

0
427

راڌڻ (رپورٽر) راڌڻ پوليس طرفان ميھڙ ٿاڻي جي حد مان 6 ڄڻن کي کنڀڻ جي ڪوشش دوران علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو. ڇڪتاڻ دوران پوليس حافظ سيف الله جتوئي، زمان جتوئي، بابر جتوئي مٿان تشدد ڪندي کين زبردستي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن مان ھڪ ڄڻو حافظ سيف الله جتوئي زخمي حالت ۾ ميهڙ ڪورٽ پهتو. جنھن دوران سندس ٻيا ساٿي به ڪورٽ پھتا جتي انھن ٻڌايو ته ھو جمعيت علماء اسلام جي مقامي امير حافظ محمد ھاشم جتوئي جي ضمانت ٿيڻ بعد ضمانت ڏيندڙ ۽ سندس پٽن سميت ميھڙ اچي رھيا ھئاسين ته راڌڻ ٿاڻي جو اي ايس آء منظور وگھيو، ڪانسٽيبل ذوالفقار جانوري، عمران شر، ڪامران ۽ ٻين اسان جو ميھڙ ٿاڻي جي حد ۾ اڳ ورتو ۽ اسان کي زبردستي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن دوران ھنن اسان تي تشدد ڪري رتورت ڪري ڇڏيو. ھنن چيو ته راڌڻ پوليس مخالف ڌر کان ھزارين رپيا رشوت وٺي اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا. پنجن ڪيسن مان ضمانت ٿيڻ بعد وري اسان کي کنڀي ڪيس داخل ڪيو وڃي ھا ۽ اسان ڪورٽ سڳوري زخمي حالت ۾ پھتا آھيون. ھنن چيو ته راڌڻ پوليس خلاف ڪيس داخل ڪرائينداسين.