وارهه: وارھہ شھر جي مين بازار ۾ دوستي ٽوڙڻ تان هٿياربندن ڳڀرو نوجوان ماجد علي گوگاڻي چانڊيو کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ جوابدار آسانيءَ سان فرار ٿي ويا. ڳڀرو نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ سندس امڙ کي بيهوشيءَ جا دورا پئجي ويا. ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آھي ته ڪجھ ڏينهن اڳ مقتول ماجد علي گوگاڻي جي سندس ڳوٺائي صدام گوگاڻي سان ڪبوترن جي معاملي تان معمولي ناراضگيءَ کانپوءِ دوستي ختم ٿي وئي هئي، جوابدار پاران مقتول کي دوستي رکڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ ۽ مقتول نوجوان پاران انڪار تي جوابدار صدام گوگاڻي حملو ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ مقتول جي چاچي منور گوگاڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته اسانجي نوجوان کي جوابدار ساڻس ڳالهائڻ لاءِ زور ڀري رهيو هيو، هن ٻڌايو ته ماجد سندس والد پاران سعوديءَ مان پئسا موڪلڻ کانپوءِ عيد جي خريداريءَ لاءِ شھر ويل هيو ته وچ شھر ۾ جوابدار پنهنجي ساٿين سان گڏجي مٿس حملو ڪري سندس ڀائٽيي کي قتل ڪري ظلم ڪيو آھي. هن چيو ته مقتول نوجوان جي هڪ مهيني کانپوءِ شادي پڻ رٿيل هئي.