حيدرآباد: پراڻي سبزي مارڪيٽ جون ڪاروباري سرگرميون نئين سبزي مارڪيٽ منتقل ڪرڻ جو حڪم

0
184
کنڀي گم ڪيل سرويچ
Hyd court

حيدرآباد (بيورو روپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ضلعي انتظاميا جي درخواست تي پراڻي سبزي مارڪيٽ جون ڪاروباري سرگرميون نئين سبزي مارڪيٽ منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل معرفت ڪمشنر درخواست داخل ڪرائي، جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته ڪورونا سبب شهر ۾ حالت خراب آهي پراڻي سبزي مارڪيٽ ۾ ڀاڄين توڙي ميوات جي وڪري دوران تمام گهڻي رش پئي ٿئي ان ڪري مارڪيٽ ۾ واپاري سرگرميون مڪمل طور بند ڪرايون وڃن، درخواست گذار چيو ته نئين سبزي مارڪيٽ ۾ آڪشن، بئنڪ سميت بنيادي سهولتون معيسر ناهن مهلت ڏني وڃي، ڪمشنر عدالت کي آگاهي ڏني ته ڪافي حد تائين نئين سبزي مارڪيٽ ۾ بنيادي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، ان موقعي تي وڪيل جا دليل ڏيندي چيو ته پلاٽن جي ڊبل الاٽمينٽ وارو معاملو به اڃان حل نه ڪيو ويو آهي پهرين الاٽيز کي پلاٽن جو قبضو ڏنو وڃي، عدالت حڪم ڏنو ته مارڪيٽ ڪميٽي ۽ ضلعي انتظاميا جا عملدار ٽن مهينن تائين الاٽيز جو معاملو حل ڪن جيستائين ٻنهي پاسي آڪشن وارو سلسلو شروع ڪيو وڃي.