رنگ روڊ منصوبي جي انڪوائري رپورٽ ڪرپشن جِي روڪٿام جو ثبوت آهي: فواد چوڌري

0
349

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) رنگ روڊ منصوبي جي انڪوائري رپورٽ ڪرپشن جِي روڪٿام جو ثبوت آهي، نون ليگ الزام هڻڻ کان اڳ انڪوائري رپورٽ پڙهي وٺي، وزير اعظم عمران خان واضح ڪيو آهي ته ڪرپشن ۾ ملوث ڪنهن به شخص کي بخش نه ڪندس: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته وزير اعظم رنگ روڊ منصوبي جي اڻڌري جاچ جو فيصلو ڪيو آهي، ذلفي بخاري اخلاقي طور استعيفيٰ ڏني، رنگ روڊ انڪوائري جِي شروعاتي رپورٽ ۾ ڪنهن وزير يا معاون جَي ملوث هُجڻ جو ثبوت ناهي مليو: اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته وزير اعظم جِي احتساب بابت پاليسي واضح آهي، حڪومتي اهلڪارن کي احتساب جو خوف هجڻ گهرجي، طاقتور ماڻهو به قانون کان مٿانهان ناهن، الزام هيٺ آيل ماڻهن کان جاچ ٿيندي، جوابده هجڻ جو اصول لاڳو ٿيندو.