ڪراچي ۾ ڊپٽي اٽارني جنرل کان گاڏي ڦر

0
252

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي جمشيد ٽائون ٿاڻي جي حد مان ڊپٽي اٽارني جنرل عبدالوهاب بلوچ کان هٿياربند گاڏي ڦر ڪري ويا، عبدالوهاب بلوچ جو چوڻ آهي ته گاڏي سرڪاري نمبر پليٽ واري هئي، گاڏي رات جو ساڍي 11 وڳي ڪشمير روڊ کان ڦر ڪئي وئي، هن چيو آهي ته جمشيد ٽائون ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آهي پر پوليس جاچ ۾ سهڪار نه پئي ڪري، هن الزام مڙهيو آهي پوليس بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاهه جي ڪري اهڙو سلوڪ ڪري رهي آهي، ڇو ته مان 2013 ۾ مراد علي شاهه کي نا اهل ڪرايو هو..