گھوٽڪي: ضمانت رد ٿيڻ بعد جوابدار پاران فرار ٿيڻ جي ڪوشش، جھيڙو

0
213

گھوٽڪي (ن پ ا) گهوٽڪي جي عدالت ۾ قتل ڪيس ۾ جوابدار جي ضمانت رد ٿيڻ بعد فرار ٿيڻ جي ڪوشش دوران مقتول جي وارثن ۽ جوابدار ۾ عدلت اندر جهيڙو ٿي پيو، مقتول شاهمور واسو جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار عبدالرحمان پهوڙ ضمانت لاءِ عدالت پهتو ته عدالت سندس ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، ضمانت واري درخواست رد ٿيڻ بعد جوابدار عبدالرحمان پهوڙ عدالت مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته مقتول شاهمور واسو جي وارثن جوابدار کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين جي ماڻهن ھڪ ٻئي مٿان لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لاهي ڏنو، جنهن دوران عدالت اندر موجود پوليس اهلڪارن ٽن ڄڻن عبدالرحمان پهوڙ، معين پهوڙ، مبارڪ پهوڙ کي گرفتار ڪري ورتو.