حيدرآباد: عدالت پاران جينڪوز هولڊنگ ڪمپني جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر جي مقرري ڪالعدم قرار

0
228
کنڀي گم ڪيل سرويچ
Hyd court

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ جينڪوز هولڊنگ ڪمپني لميٽد جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر جي مقرري کي ڪالعدم قرار ڏيندي وفاقي سرڪار کي مهيني اندر نئون سي او مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو، واپڊا ايمپلائيز پيغام يونين جي سيڪريٽري جنرل محمد ساجن پنهور وڪيل معرفت سي او جي مقرري کي غير آئيني قرار ڏيندي عدالت ۾ چئلينج ڪيو هو، درخواستگذار جو موقف آهي ته جينڪو ون ٿرمل پاور هائوس، جينڪو ٽو مظفر ڳڙهه سميت ٻين بجلي ٺاهيندڙ ڪمپنين جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر وٽ انجنيئرنگ جي ڊگري موجود نه آهي، درخواست جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته پاور ڪمپنين جي چيف ايگزيڪيٽو ۾ اهليت نه آهي ان ڪري 3 سالن دوران بجلي پيدا ڪندڙ ڪجه پلانٽ بند ٿي ويا آهن، عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد جينڪوز هولڊنگ ڪمپني جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر جي مقرري کي غير آئيني قرار ڏيندي ڪالعدم قرار ڏيئي ڇڏيو، عدالت وفاقي سرڪار ۽ بجلي واري وزارت کي حڪم ڏنو ته 30 ڏينهن اندر نئون چيف ايگزيڪيٽو آفيسر مقرر ڪري رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي، ٻڌڻي بعد درخواست گذار جو وڪيل سجاد احمد چانڊيو چيو ته عدالت درخواست گذار جو موقف ۽ منهنجا دليل ٻڌڻ بعد چيف ايگزيڪيٽو آفيسر محمد عمران کي هٽائي نئين سي او جي مقرري جو حڪم ڏنو آهي.