جوهي ۾ مختلف برادرين پاران اتحاد ٺاهڻ جو اعلان

0
164
جوهي ۾ مختلف برادرين

جوهي (ن پ ا) جوهي ۾ مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ سرائي سانوڻ خان پاران ڪاڇو هائوس تي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن مختلف برادرين جي چڱن مڙسن،سياسي اڳواڻن شاعرن/ سماجي اڳواڻن ۽ مزدورن شرڪت ڪئي

ان موقعي تي مختلف برادرين جي چڱن مڙسن ياسر خان ٻٻر، پيارو خان لنڊ، سرائي محمد حسن، شاعر خليل عارف سومرو، سرائي سانوڻ خان ٻٻر، غلام قادر لغاري، حيدر سيال ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ برادرين جي نيڪ مردن سميت اتحاد ٺاهي مڪاني اليڪشن ۾ پنهنجا آزاد اميدوار بيهاري مقابلو ڪيو ويندو

   چونڊيل نمائيندن ڪرپشن ڪري جوهي شهر سميت تعلقي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته شهر توڙي ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي لاءِ خلق خدا تڙپئي پئي، ڪاڇي جا روڊ رستا تباهه آهن. هنن ڇيو ته جوهي کي تباهه ڪندڙن کان پلاند ڪرڻ لاءِ مڪاني اليڪشن ۾ سندن سامهون چونڊ وڙهي کين شڪست ڏني ويندي

ھي به پڙھندا

شهداد ڪوٽ ۾ نامزدگي فارمن جي ڇنڊڇاڻ جاري: ٻن اميدوارن جا فارم رد، 38 بحال