گمبٽ (ن پ ا)  گمبٽ جي وارڊ 11 سميت ٻين وارڊن تي بيٺل پ پ جي ڪائونسلر عبدالطيف شيخ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ف ليگ جي اميدوار شيخ خالد حسين جا الزام ڪوڙا آهن ڪورٽ مونکي 4 سالن  لاء 2015 ۾ نااهل ڪيو هو جيڪا نااهلي ختم ٿي چڪي آه ف ليگ اميدوار منهنجي نااهلي لاء جعلي ڪاغذ آر او وٽ جمع ڪرايا منهنجو فارم بحال ٿي چڪو آهي. ڪورٽ جي آرڊر ۾ ڏنڊ جو ڪو به ذڪر نه آه خالد شيخ پاڻ ڪرپشن جو بادشاه آه جيڪو ميونسپل جا دڪان پئسن عيوض ڏئي ڪروڙين روپيا هڙپ ڪري ويو آهي ۽ سرڪاري زمينون به ماڻهن کي پئسن عيوض الاٽ ڪرڻ ۾ ملوث رهيو آهي. پ پ گمبٽ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪريا آهن شهر ۾ ڪجه ڪم رهيل آهن جيڪي اليڪشن کان پوء ڪرايا ويندا.