ڀرياسٽي ( ن پ ا ) ڀرياسٽي وارڊ 5 راجپوت ٽائون جي رھواسين غلام فريد ملاح ۽ علي مراد ملاح پاران سيشن ڪورٽ نوشھروفيروز ۾ پٽيشن داخل ڪندي ڄاڻايو آھي ته ڀرياسٽي جي اسسٽنٽ ڪمشنر شاھد سرڪي آررو ۽ مختيار ڪار روينيو نياز  اڄڻ ٽي آررو ۽ جنرل ڪائونسلر جي اميدوار راڻا صغير راجپوت اسان کي حراسان ڪيو  ۽ ڌمڪيون ڏنيون ته ڪاؤنسلر جي اميدوار ايڊووڪيٽ نثار ملاح جي تائيد نه ڪيو انھن اسان سان بدتميزي ڪئي ۽ سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون اھڙي درخواست تي عدالت اڄ  اسسٽنٽ ڪمشنر ڀريا شاھد سرڪي آررو ۽ مختيار ڪار روينيو نياز اڄڻ ٽي آررو ۽ ڪاؤنسلر اميدوار راڻا صغير راجپوت کي طلب ڪري ورتو آھي.