شهداد ڪوٽ ۾ نامزدگي فارمن جي ڇنڊڇاڻ جاري: ٻن اميدوارن جا فارم رد، 38 بحال

0
207
ميرپورخاص ۾ مڪاني چونڊ

شھدادڪوٽ (رپورٽر)شھدادڪوٽ ۾اميدوارن جي نامزدگي فارمن جي جاچ پڙتال ھلندڙ ٻن ڏينهن اندر 40  اميدوارن جي اسڪروٽني دوران ٻن اميدوارن جا فارم رد ٿي ويا 38 اميدوارن جا نامزدگي فارم بحال ڪيا ويا

خبر موجب : شھدادڪوٽ تعلقي ميونسپل ڪاميٽي جي 14 وارڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي نامزدگي فارمن جي جاچ پڙتال دوران اسسٽنٽ ڪمشنر شھدادڪوٽ سجاد حيدر قادري جي آفيس ۾ اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسرن ديدار علي مگسي ۽ غلام سرور منگي جي موجودگي ۾ سجاد حيدر قادري پاران مختلف اميدوارن جي نامزدگي فارمن جي جاچ پڙتال دوران

وارڊ نمبر 7 تي پ پ اڳواڻ  يارمحمد سومرو ۽ وارڊ نمبر 8 تي پ پ اڳواڻ  غلام عباس سومرو وارڊ نمبر 14تي آزاد اميدوار دادا پرڪاش ھرياڻي وارڊ نمبر 4 تي امان الله مگسي وارڊ نمبر 6 تي ڪرم مگسي وارڊ نمبر 9 تي 3 اميدوارن جا جنهن ۾ آزاد اميدوار عامر حسين سومرو  جي يو آئي اڳواڻ حافظ ظھير بلوچ  پ پ اڳواڻ رياض حسين سومرو وارڊ نمبر 5 تي 3 اميدوارن ذوالفقارعلي سيلرو پ پ جي ساجد حسين سيلرو نظام الدين سيلرو سميت 38 اميدوارن جا نامزدگي فارم بحال ڪيا ويا آهن جڏهن ته وارڊ نمبر 11 جي اميدوار امان الله ساسولي ۽ وارڊ نمبر 7 جي عبدالرسول دايو جا نامزدگي فارم رد اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ آرو پاران رد ڪيا ويا آهن