ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي جي نائب لياقت بلوچ چيو آهي ته حڪومتي نااهلي ۽ مفاد پرست پاليسين جي نتيجي ۾ هر روز ملڪ ۾ نوان بحران ۽ بيچيني وڌي رهي آهي، جماعت اسلامي اتحادي سياست کي الوداع ڪندي ايندڙ چونڊن ۾ پنهنجي جهنڊي ۽ منشور تحت چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سنڌ ۾ چونڊن جي تياري ۽ اُميدوارن جي لسٽ کي حتمي شڪل ڏئي بلاڪ ڪوڊ جي سطح تي عوامي رابطه مُهم کي تيز ڪيو وڃي، ڪالهه جماعت اسلامي سنڌ جي سياسي مامرن جي ڪور ڪاميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته جماعت اسلامي سنڌ پاران امداد ۾ دير ۽ ڪرپشن خلاف احتجاج جو فيصلو بروقت قدم هو. هن صوبائي قيادت کي هدايت ڪئي ته  اها متاثرن جي امداد ۽ بحالي لاءِ ڀرپور ڪوششون وٺي.اجلاس ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال سميت الخدمت جي رليف سرگرمين جو جائزو ورتو ويو.