ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته صوبي ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن، پاڻي گهٽجي رهيو آهي. حيدرآباد ۾ 30 سيڪڙو ماڻهو امدادي ڪيمپن مان پنهنجن گهرن ڏانهن واپس ويا آهن، ضلعي انتظاميه کين ٽرانسپورٽ ۽ راشن فراهم ڪري رهي آهي، ڪجهه علائقن مان 15 ڏينهن، ڪجهه علائقن مان 30 ڏينهن، جڏهن ته ڪجهه علائقن مان پاڻي ڪڍڻ ۾ 3 مهينا لڳي سگهن ٿا، ڪالهه  سنڌ آرڪائيوز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سنڌ حڪومت پاڻي جي نيڪال جي سلسلي ۾ سنڌ جو وڏو وزير آبپاشي کاتي سان روزاني جي بنيادن تي گڏجاڻي ڪري رهيو آهي. پاڻي نيڪال ٿيڻ بعد بحالي جو ڪم شروع ڪيو ويندو. بحالي ٻن قسمن جي ٿيندي. جن جا گهر ڊهي ويا آهن، انهن کي گهر تعمير ڪري ڏينداسين، هڪ گهر تي 5 لک خرچ ايندو، فصل تباهه ٿيڻ تي آبادگارن ۽ هارين جا قرض ري شيڊيول  ڪرائڻ لاءِ مختلف بينڪن سان ربطو ڪيو آهي، هن چيو ته اڄ کان ٽارگيٽيڊ علائقن ۾ سستي اٽي جا اسٽال لڳايا ويندا، جٿي اٽو 65 رپيا ڪلو ميسر هوندو. هن چيو ته برسات دوران فوت ٿيلن جي وارثن کي 10 لک رپيا في ماڻهو معاوضو ڏنو ويندو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت به متاثرن جي مدد ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن کي طبي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ 6963 فڪسڊ ميڊيڪل ڪيمپون ۽ 7920 موبائيل ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن.  جن ۾ 19536 مختلف بيمارين جا ماهر ڊاڪٽر، 39600 پيرا ميڊيڪس ۽ 1792 رضاڪار خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن، انهن ميڊيڪل ڪيمپس ۾ 3.14 ملين مريضن کي علاج جون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، ڪيمپن  ۾3711 عورتن ٻارن کي جنم ڏنو. وفاقي وزير مريم اورنگزيب کي هراسان ڪرڻ واري سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ان واقعي سان ِ اسان جو ڪنڌ شرم کان جھڪي ويو آهي. عمران خان جنهن ڪلچر کي فروغ ڏنو آهي. هڪ ڏينهن کيس پاڻ کي  به منهن ڏيڻو پوندو. هن چيو ته ملڪ ۾ ايندڙ چونڊون وقت تي ٿينديون. اسحاق ڊار ۽ نواز شريف واپس اچي سگهن ٿا، هي انهن جو ملڪ آهي.