توشه خانه ڪيس: عمران خان جي درخواست خارج، گرفتاري وارنٽ برقرار

0
172

اسلام آباد جي عدالت توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي، عمران خان کي گرفتار ڪري 18 مارچ تي پيش ڪرڻ جو حڪم برقرار رکيو ويو آهي

 درخواست جي ٻڌڻي هلائيندڙ جج ظفر اقبال چيو ته رڳو هڪ حلفيه بيان تي گرفتاري وارنٽ خارج نه ٿا ڪري سگهجن، قانون جي هر رخ کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪيو ويو آهي، اميد آهي ته تفصيلي فيصلو پڙهي مزو ايندو

جڏهن ته  عورت جج کي ڌمڪي ڏيڻ واري ڪيس ۾ عران خان جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪرڻ جي مدي ۾ 20 مارچ تائين واڌ، عمران خان کي 20 مارچ تي واڳيل عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ايڊيشنل سيشن جج فيضان حيدر گيلاني درخواست جي ٻڌڻي هلائي

هي به پڙهندا

عمران خان خلاف ڀڃ ڊاهه ۽ پوليس تي حملن جو هڪ وڌيڪ ڪيس داخل