عمران خان خلاف ڀڃ ڊاهه ۽ پوليس تي حملن جو هڪ وڌيڪ ڪيس داخل

0
150

Zaman Park clashes: LHC directs police to stop operation till today

لاهور پوليس عمران خان خلاف ڀڃ ڊاهه ۽ پوليس تي حملن جو هڪ وڌيڪ ڪيس داخل ڪري ورتو، ريس ڪورس ٿاڻي تي انسپيڪٽر جي مدعيت ۾ داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته پوليس عمران خان کي گرفتار ڪرڻ وئي ته سندس حڪم تي ڀڃ ڊاهه شروع ٿي وئي

ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان جي چوڻ تي پوليس مٿان حملا ڪيا ويا، هڪ حملي ۾ ڊي آءِ جي اسلام آباد شهزاد بخاري به زخمي ٿي پيو

PITCHED BATTLE AT ZAMAN PARK AMID ATTEMPT TO ARREST IMRAN: Shelling and  Shielding - Daily Times

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان  جاري بيان ۾ چيو آهي ته آئين جي بالادستي لاءِ ٺوس موقف اختيار ڪرڻ تي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو ٿورائتو آهيان، زمان پارڪ ۾ طاقت جي غير ضروري استعمال جي مذمت کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا

عمران خان زمان پارڪ ۾ پوليس جي تشدد جي لاهور هاءِ ڪورٽ بار پاران جاري ڪيل مذمتي  بيان جي آجيان به ڪئي، عمران خان چيو ته لاهور جي وڪيلن پاران يڪجهتي جي اظهار لاءِ زمان پارڪ تائين پيدل مارچ ڪرڻ تي وڪيلن جا به ٿورائتا آهيون

ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ صدر عارف علوي کي نااهل قرار ڏيڻ واري درخواست خارج ڪري ڇڏي، شهري ظهور مهدي پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ صدر جي اهليت کي چئلينج ڪيو ويو

هي به پڙهندا

عمران خان هاڻي به سرينڊر ڪري ته آءِ جي کي حڪم ٿا ڏيون ته کيس گرفتار نه ڪري:عدالت