عمران خان هاڻي به سرينڊر ڪري ته آءِ جي کي حڪم ٿا ڏيون ته کيس گرفتار نه ڪري:عدالت

0
178

اسلام آباد: ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ توشه خانه ڪيس جي ٻڌڻي دوران جج ظفر اقبال چيو آهي ته عمران خان هاڻي به سرينڊر ڪري ته آءِ جي کي حڪم ٿا ڏيون ته کيس گرفتار نه ڪري

 ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي عمران خان جي وڪيل خواجا حارث اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو وارنٽ برقرار رکڻ جو فيصلو پڙهي ٻڌايو

ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال چيو ته هاءِ ڪورٽ جو فيصلو عدالتي طريقيڪار ذريعي اڃا تائين اسان کي نه مليو آهي، مسئلو هڪ سيڪنڊ ۾ حل ٿي سگهي ٿو، عمران خان ڪٿي آهي؟ عمران خان ذاتي حيثيت ۾ ڪٿي پيش ٿيو آهي؟

وڪيل خواجا حارث چيو ته ڇا ضروري آهي ته عمران خان کي گرفتار ڪري ئي پيش ڪيو وڃي؟ جج رمارڪس ۾ چيو ته عمران خان عدالت ڇو نه پيو اچي؟ قانون موجب عمران خان کي پوليس جي مزاحمت نه پر مدد ڪرڻي آهي، عمران خان مزاحمت ڪري سِين ٺاهيو

 وڪيل خواجا حارث چيو ته عمران خان ڇوٽ نه پيو گهري، عدالت اچڻ چاهي ٿو، توهان عمران خان جي انڊر ٽيڪنگ جي درخواست منظور ڪري وارنٽ رد ڪيو، ٻيو آپشن اهو آهي ته ضمانت وٺي ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيو

 جج رمارڪس ۾ چيو ته پاڪستان ۾ ئي نه پر دنيا جو سڀ کان وڌيڪ مهانگو وارنٽ عمران خان جو بڻجي ويو آهي، غريب ملڪ جا ڪروڙين روپيا وارنٽ تي خرچ ٿي ويا، گرفتاري وارنٽ قانون موجب جاري ٿيو، مزاحمت ڇو ٿي؟

جوابدار عدالت آڏو پيش ٿيندا آهن ۽ وارنٽ ختم ٿي ويندا آهن، عدالت 12 هين وڳي تائين اليڪشن ڪميشن کي به جواب پيش ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

هي به پڙهندا

توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان جا گرفتاري وارنٽ برقرار: زمان پارڪ آپريشن سڀاڻي تائين معطل