توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان جا گرفتاري وارنٽ برقرار: زمان پارڪ آپريشن سڀاڻي تائين معطل

0
225

لاهور هاءِ ڪورٽ زمان پارڪ ۾ عرمان خان جي گرفتاري لاءِ جاري آپريشن کي سڀاڻي صبح ڏهه وڳي تائين روڪڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گرفتاري وارنٽس رد ڪرڻ بابت درخواست تي عمران خان کي سيشن ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، پنجاب جي اطلاعات واري وزير عامر مير جو چوڻ آهي ته حڪومت هن آپريشن ذريعي لاش نٿي ڪيرائڻ چاهي، ان ڪري ان کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وارنٽ رد ڪرڻ واري درخواست خارج ڪرڻ جو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، عمران خان جا توشه خانه ريفرنس ۾ جاري گرفتاري وارنٽس برقرار رکيا ويا آهن

 چيف جسٽس عامر فاروق طرفان 5 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪيو ويو، عمران خان کي ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ ۽ حلف نامو جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو قانون پٽاندڙ آهي، ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي ۾ قانوني جهول نه آهن جو مداخلت ڪري سگهجي، عمران خان سوڌو سڀني کي عدالتي فيصلن تي عمل ڪرڻ گهرجي، عمران خان جو حلفي بيان ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي

عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته ٽرائل ڪورٽ درخواست تي ٻڌڻي ڪري قانون موجب فيصلو ڏئي، عدليه جو وقار رڳو هاءِ ڪورٽ ۽ سُپريم ڪورٽ نه، پر هر عدالت سان آهي، لاهور ۾ امن امان جي صورتحال افسوسناڪ آهي، رياست کي عدالتي آرڊرز تي عمل جي ذميواري نڀائڻ کان روڪيو ويو، ڪنهن به مهذب معاشري ۾ قانون جي ائين ڀڃڪڙي قبول جوڳي ناهيتصویر

عمران خان جي درخواست تي لڳايل اعتراض ختم ٿيڻ بعد چيف جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ عدالت ٻڌڻي هلائي، عمران خان جي وڪيلن عمران خان جي حلفي بيان جي ڪاپي جمع ڪرائي، عدالت کي واٽس اپ تي حلفي بيان به ڏيکاريو ويو، عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو

وارنٽس جاري ٿين ته ڊسچارج ٿيڻ تائين عملدرآمد برقرار رهندو آهي، قانون جي حڪمراني رڳو ڳالهين جي حد تائين ناهي، اُن جو مطلب قانون جي تابعداري آهي، قانون جي ڀڃڪڙي جا قدرتي طور نتيجا نڪرندا آهنعمران خان

 پوليس ۽ ڪارڪنن وچ ۾ سموري رات چڪرين جو سلسلو جاري رهيو، چڪرين دوران 64 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ 54 پوليس اهلڪار ۽ آفيسر به شامل آهن

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان زمان پارڪ ۾ پنهنجي رهائشگاهه مان ٻاهر نڪري آيو، عمران خان گئس ماسڪ پهري ڪارڪنن سان ملاقات لاءِ ٻاهر نڪري آيو، عمران خان ٻن ڏينهن تائين پوليس خلاف مزاحمت ڪرڻ تي ڪارڪنن جا ٿورا مڃيا

 ان کان اڳ پنهنجي ٽويٽ ۾ عمران خان چيو ته منهنجي گرفتاريءَ جي دعويٰ رڳو هڪ ڊرامو هئي، اصل نيت اغوا ۽ قتل جي آهي، ڳوڙها گئس ۽ پاڻيءَ جي توپن کانپوءِ هي هاڻي سڌي فائرنگ تي لهي آيا آهن، عمران خان زمان پارڪ ۾ ڪارڪنن پاران گوليون ڏيکارڻ واري وڊيو به ٽويٽ ڪري ڇڏي آهي

وفاقي وزير مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته عمران خان جي گرفتاريءَ سان حڪومت جو ڪو به تعلق نه آهي، عدالتي حڪم تحت پوليس کيس گرفتار ڪرڻ چاهي ٿي، عمران خان ملڪ ۾ گهرو ويڙهه ڪرائڻ چاهي ٿو

 وفاقي وزير مريم اورنگزيب اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عمران خان منافق، بزدل ۽ ڪوڙو شخص آهي، عمران اهو تاثر ڏيڻ چاهي ٿو ته هو بزرگ آهي ۽ سندس حياتي کي خطرو آهي

هي به پڙهندا

منهنجي گرفتاريءَ جي دعويٰ رڳو هڪ ڊرامو هئي، اصل نيت اغوا ۽ قتل جي آهي: عمران خان