لاهور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف کي آچر ڏينهن مينار پاڪستان وٽ جلسو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

0
145

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف کي آچر ڏينهن مينار پاڪستان وٽ جلسو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، حڪومت ۽ تحريڪ انصاف کي گڏجي ويهي مسئلو حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

جسٽس طارق سليم رمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ آچر واري ريلي ۽ جلسو نه ٿي روڪي ته مان حڪمنامو جاري ڪندس

 عدالت رمارڪس ۾ چيو ته توهان کي اندازو نه آهي ته گذريل ڪجهه مهينن دوران هن قوم جي ڪيتري بي عزتي ٿي آهي

 آءِ جي پنجاب پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن پاران پوليس تي حملي جي تياريءَ جون تصويرون عدالت ۾ پيش ڪيون، آءِ جي پنجاب چيو ته جيتري اسان جي بي عزتي ٿي آهي اها ئي ڪافي آهي

 جسٽس طارق سليم شيخ آءِ جي پنجاب ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن کي گڏجي ويهي معاملا ڪليئر ڪرڻ جي هدايت ڪئي، عدالت چيو ته عمران خان جي سيڪيورٽي جو مسئلو ۽ قلم 144 جو معاملو ويهي حل ڪيو

 جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته مون گرفتاري وارنٽ واري معاملي کي نه ڇيڙيو آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وارنٽس تي عملدرآمد نه روڪيو آهي

عدالت چيو ته  توهان کي ريلي ڪڍڻي آهي ته 15 ڏينهن اڳ پلان ڏيو، ڪو شادي به ڪندو آهي ته پهرين پلان ڪندو آهي، سسٽم کي هلڻ ڏيو، عدالت ٻڌڻي جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

هي به پڙهندا

عمران خان هاڻي به سرينڊر ڪري ته آءِ جي کي حڪم ٿا ڏيون ته کيس گرفتار نه ڪري:عدالت