هاءِ ڪورٽ جي مهلت ختم، عمران خان جي گرفتاري لاءِ پوليس ۽ رينجرز الرٽ، پي ٽي آءِ ڪارڪن به جمع

0
153
هاءِ ڪورٽ جي مهلت ختم، عمران خان جي گرفتاري لاءِ پوليس ۽ رينجرز الرٽ، پي ٽي آءِ ڪارڪن به جمع
هاءِ ڪورٽ جي مهلت ختم، عمران خان جي گرفتاري لاءِ پوليس ۽ رينجرز الرٽ، پي ٽي آءِ ڪارڪن به جمع

لاهور هاءِ ڪورٽ پاران عمران خان جي گرفتاريءَ لاءِ پوليس جو آپريشن معطل ڪرڻ واري مهلت ختم ٿي وئي آهي عمران خان جي گرفتاريءَ لاءِ لاهور ۾ موجود پوليس ۽ رينجرز جا جٿا ٻيهر الرٽ ٿي ويا آهن

 زمان پارڪ ۾ تحريڪ انصاف جا ڪارڪن به وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ويا، لاهور هاءِ ڪورٽ عمران خان جي گرفتاريءَ لاءِ پوليس جو آپريشن اڄ صبح 10 وڳي تائين روڪڻ جو حڪم ڏنو هو

In pictures: Zaman Park turns into battlefield as PTI supporters block police from arresting Imran - Pakistan - DAWN.COM

 ذريعن موجب عمران خان جي رهائشگاهه زمان پارڪ ويجهو 5 ضلعن جي پوليس ۽ رينجرز جون 7 ڪمپنيز الرٽ ۽ نئين هدايتن جون منتظر آهن، عمران خان جي گهر ويجهو کليل ميدان ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن به خيما کوڙي ڇڏيا، ڏنڊن ۽ گليلين جو وڏو ذيرو گڏ ڪيو ويو

هي به پڙهندا

عمران خان هاڻي به سرينڊر ڪري ته آءِ جي کي حڪم ٿا ڏيون ته کيس گرفتار نه ڪري:عدالت

لاهور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف کي آچر ڏينهن مينار پاڪستان وٽ جلسو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو