اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ميڊيڪل جي شاگردن کي قرآن پاڪ جو حافظ هجڻ تي 20 واڌو نمبر ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس خاص بئنچ ۾ ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ رمارڪس ڏنا ته ان معاملي تي پارليامينٽ ۾ قانونسازي ڪرايو. سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ميڊيڪل جي شاگردن کي قرآن پاڪ جو حافظ هجڻ تي 20 واڌو نمبر ڏيڻ بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته ميڊيڪل جي شاگردن کي قرآن پاڪ جو حافظ هجڻ تي واڌو نمبر ڏيڻ سمجهه کان ٻاهر آهي، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته رڳو ميديڪل ڊگري ئي نه هر شعبي ۾ قرآن پاڪ جو حافظ هجڻ جي بنياد تي 20 واڌو نمبر ڏنا ويندا آهن. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اهو حساس معاملو آهي، مسلمان حفظ الله لاءِ ڪندو آهي نمبرن لاءِ نه، ڇا ڪنهن عيسائي کي انجيل حفظ ڪرڻ تي 20 واڌو نمبر ملندا آهن؟ جسٽس فائز رمارڪس ڏنا ته ڪيس تڏهن ئي ٻڌي سگهجي ٿو، جڏهن شفافيت سان مقرر ٿيو هجي، شفاف طريقيڪار سان مقرر نه ٿيندڙ ڪيسن جي فيصلن تي به سوال اٿندا آهن، ان طريقي سان هي ڪيس نٿو ٻڌي سگهان. اٽارني جنرل چيو ته سپريم ڪورٽ جو ڪم ڪرڻ جو طريقو هڪ ڳجهارت آهي، جيڪو منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ  چيو ته ان طريقيڪار سان هي ڪيس نٿو ٻڌي سگهان، ميڊيڪل جي شاگردن کي قرآن پاڪ جو حافظ هجڻ تي 20 واڌو نمبر ڏيڻ بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي تي خاص بئنچ بڻائڻ تي اعتراض اٿاري ڇڏيو.