اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ججز جي ڪنڊڪٽ بابت خبر نه هلائڻ جي پيمرا خط تي رمارڪس ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جو جج ٿي وڃو ته ڪير اوهان کي پڇي نٿو سگهي؟ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته تازو ئي پيمرا ججز بابت ڪو ئي ليٽر جاري ڪيو آهي، پاڪستان ۾ سڀ آزاد آهن جنهن جي دل ۾ جيڪو اچي ٿو اهو ڪري ٿو، ڪوئي ميڊيا جي آزادي ڪيئن دٻائي سگهي ٿو؟ تاثر اهو وڃي ٿو ته شايد عدالت ماڻهن جو ڳلو دٻائي ڇڏيو آهي، اٽارني جنرل چيو ته پيمرا پنهنجي خط ۾ سيٽلائيٽ چينلز کي ججز جي ڪنڊڪٽ ۽ رياستي ادارن تي خبر هلائڻ کان روڪيو آهي، جنهن تي جسٽس فائز پڇاڻو ڪيو ته اٽارني جنرل هي رياستي ڇا هوندا آهن؟ سپريم ڪورٽ رياستي ادارو ناهي، آئيني ريگيوليٽري باڊي آهي، پيمرا ته سپريم ڪورٽ جي اسٽيٽس کي گهٽ ڪري ڇڏيو آهي، ڇا پيمرا عدليه جو ذمو کنيو آهي، پيمرا ٽي وي چينلز کي ڪجهه نشر ڪرڻ کان ڪيئن روڪي سگهي ٿو؟ جسٽس فائز رمارڪس ڏنا ته سول جج کي گاريون ڏنيون وڃن پيمرا ناهي ڳالهائيندو، ڇا ماتحت عدالتن جا ججز گهٽ ترين مخلوق آهن؟ جيڪڏهن آئون اٽارني جنرل کي ڪجهه هڻي ڇڏيان ۽ ڪورٽ رپورٽرز خبر ڏين ته انهن جو چينل بند ٿي ويندو؟ پيمرا چينلز تي پابندي لڳائي ٽي وي انڊسٽري تباهه ڪري رهيو آهي، پيمرا انهي ٽي وي چينلز جي لائسنس تي ڪمائي ٿو، جڏهن ٽي وي خبرون نه هلائيندي ته ماڻهو سوشل ميڊيا ئي ڏسندا. جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته پيمرا جو هي خط شرعي عدالت ۾ وڃي ته اسلام جي ابتڙ هجڻ تي به معطل ٿي وڃي، جيڪڏهن ڪوئي ڪوڙي خبر ڏئي ته ان خلاف پيمرا ڪارروائي ڪري، پيمرا ڇو سيشن، سول ججز يا مئجسٽريٽ خلاف ڳالهائڻ تي ايڪشن ناهي وٺندو؟ گذريل سال جنوري ۾ ڪيس لڳائڻ جو چيو هو ۽ رجسٽرار ڪيس مقرر ڪرڻ جي زحمت ئي نه ڪئي، ڇا سپريم ڪورٽ جا جج ٿي وڃو ته ڪير اوهان کان پڇي نٿو سگهي؟ اهو ئي سبب آهي جو پاڪستاني عدليه جو نمبر 140 جي ويجهو آهي. جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته ايترا ڀيرا مارشل لاء لڳي چڪو آهي، پيمرا سميت سڀني جي ذهنيت تبديل ناهي ٿي، ڇا اوهان ملڪ کي سيڪيورٽي اسٽيٽ بڻائڻ چاهيو ٿا؟ جيڪڏهن آئون غلط ڪم ڪريان ته منهنجو ڪنڊڪٽ بحث هيٺ ڇو نٿو اچي سگهي؟ .جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته ڇا پارليامينٽ جو احتساب ناهي ٿيندو؟ ڇا ججز قابل احتساب ناهن؟ منهنجي علم موجب ججز جو ڪو ئي احتساب ناهي ٿيندو، ججز تي غيرضروري الزام نه لڳڻ گهرجن،