ڌيءَ پنهنجي ماءُ کي قتل ڪري لاش جا ٽڪرا الماڙي ۽ ڊرم ۾ لُڪائي ڇڏيا

0
561
ڌيءَ پنهنجي ماءُ کي قتل ڪري لاش جا ٽڪرا الماڙي ۽ ڊرم ۾ لُڪائي ڇڏيا
ڌيءَ پنهنجي ماءُ کي قتل ڪري لاش جا ٽڪرا الماڙي ۽ ڊرم ۾ لُڪائي ڇڏيا

ڀارت ۾ 23 ورهين جي ڌيءَ پنهنجي امڙ کي قتل ڪري لاش جا ٽڪرا ڪري ڪيترن ئي مهينن تائين گهر ۾ لڪائي رکيا

ڀارتي پوليس موجب پوليس عورت وينا پرڪاش جي لاش جا ٽڪرا گهر جي الماڙي ۽ باٿ روم ڊرم مان برآمد ڪري امڙ جي قتل جي الزام ۾ ڌيءَ رمپل جين کي گرفتار ڪيو ويو

ڀارتي پوليس موجب قتل ڪيل عورت وينا پرڪاش پنهنجي ڌيءَ رمپل جين سان گڏ رهندي هئي، وينا کي آخري ڀيرو 26 ڊسمبر تي پنهنجي پاڙيسري سان گڏ ڏٺو ويو هو، جنهن بعد وينا جي ڀاءُ طرفان ڀيڻ جي گمشدگي جي درخواست ڏني وئي هئي

پوليس جو چوڻ آهي ته جڏهن وينا جي گهر ان کي ڳولڻ جي لاءِ پهتاسين ته ڪنهن دروازو نه کوليو، جنهن بعد عورت جي ڀاءُ پورول پاڙيسرين سان گڏجي ڀيڻ جي گهر جو دروازو ٽوڙيو

پورول ۽ پاڙيسرين گهر ۾ وينا جي ڌيءَ کي خراب حالت ۾ ڏٺو، جنهن کي ڏسي محسوس ٿي رهيو هو ته رمپل ڪيترن ئي ڏينهن کان وهنتي به ناهي، بعد ۾ ان کان والده جي حوالي سان پڇيو ويو ته ان چيو ته بيڊ تي موجود آهي پر جڏهن بيڊ ڏٺو ويو ته اها اُتي نه هئي، اُتي وهاڻا موجود هئا

گهر۾ بدبوءِ جي ڪري پوليس تلاشي ورتي ۽ وينا جو سر ۽ ڌڙ الماڙي مان مليو، وينا جا عضوا ساڙهي ۾ ويڙهيل الماڙي ۾ رکيا ويا هئا، هُن جا هٿ پير باٿ روم جي ڊرم ۾ لڪايا ويا هئا

پوليس موجب وينا کي ڪنهن تيز ڌار اوزار سان قتل ڪيو ويوهو، گهر مان بدبوءِ ڪڍڻ جي حوالي سان رمپل پرفيوم ۽ ايئر فريشنر جو استعمال ڪيو هو

پوليس موجب رمپل پنهنجي والد کي 20 سالن جي عمر ۾ وڃايو هو، گرفتاري بعد رمپل پنهنجي والده کي قتل جو اعتراف به ڪيو