تماشگاهه .. جهنگ ۾ ڪير ٻڌندو آهي؟

0
182
تماشگاهه-جهنگ-۾-ڪير-ٻڌندو-آهي؟

  موسميات کاتي چيو آهي ته ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ معمول کان وڌيڪ برساتون ٿيون آهن جيڪو 61 سالن کانپوءِ هلندڙ سال جولاءِ ۾ سڀ کان وڌيڪ برساتون پوڻ جو نئون رڪارڊ قائم ٿيو آهي. هڪ رپورٽ موجب گذريل مهيني سڄي ملڪ ۾ معمول کان 181 سيڪڙو وڌيڪ جڏهن ته هلندڙ سال بلوچستان ۾ معمول کان 450 سيڪڙو وڌيڪ برساتون ٿيون. سنڌ ۾ معمول کان 308 سيڪڙو وڌيڪ، پنجاب ۾ 116 سيڪڙو، گلگت بلتستان ۾ 32 سيڪڙو ۽ خيبرپختونخوا ۾ 30 سيڪڙو وڌيڪ برساتون رڪارڊ ڪيون ويون. معمول کان گهڻو وڌيڪ برسات پنهنجي جاءِ تي درست آهي، جنهن بابت موسميات کاتي جون اڳڪٿيون موجود هيون، پر خاص ڪري بلوچستان ۾ عام ماڻهن کي بي سهارا ڇڏي ڏنو ويو، اهو عوام سان انتهائي ظالماڻو مذاق آهي.

هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ٿي ويو آهي ته هن ملڪ ۾ هڪ ئي وقت ٻه نظام ڪم ڪندا آهن. هڪ نظام اهو جيڪو نام نهاد اشرافيه، دولتمندن ۽ حڪمرانن لاءِ ڪم ڪندو آهي، ٻيو انهن ماڻهن لاءِ جن ۾ هنن جو ڪو والي وارث نه هوندو آهي. وزيراعظم شهباز شريف  بلوچستان ۾ هڪ جاءِ تي متاثرن سان ملاقات لاءِ پهتو ته ماڻهن هن اڳيان شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا ته هنن کي لاوارث ڇڏيو ويو آهي، ڪنهن پاڻي لاءِ ناهي پڇيو نه ئي ڪنهن کاڌو ڏنو آهي. ٻيون تڪليفون ته پنهنجي جاءِ تي آهن. ماڻهن جيڪو چيو ته ڪنهن کان پاڻي جو ناهي پڇيو ويو ۽ ڪنهن کان کائڻ لاءِ ناهي پڇيو ويو، هنن جي شڪايت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن خلاف هئي، اها ته صوبائي حڪومت جي بنيادي ذميواري هوندي آهي ته برسات هجي، سيلاب هجي، زلزلو هجي، وڏي پيماني تي باهه لڳڻ جو واقعو هجي وغيره وغيره، انهن حالتن ۾ حڪومتن، ماتحت ڪم ڪندڙ انتظاميا جي ذميواري هوندي آهي. پر پاڪستان جو ڪوبه علائقو هجي، برسات ته پوري ملڪ ۾ پئي آهي، انتظاميا جا ماڻهو پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. جيڪڏهن بلوچستان جي علائقن ۾ تباهي ايندي آهي يا سنڌ جي علائقن جو زميني رابطو ڪٽجي ويندو آهي ته ڇا ماڻهن کي بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو ويندو. ايئن ئي ٿيو آهي. بلوچستان ۾ ته پاڻي جي وڏن وهڪرن ۾ ماڻهو لڙهي ويا آهن، پر هنن کي بچائڻ وارو ڪوبه نه هو.

ماڻهو به سمجهن ٿا ته وزيراعظم يا وڏو وزير هجي، هنن کي متاثر ٿيڻ کان بچائي نٿا سگهن پر هنن جي موجودگيءَ سبب انتظاميا حرڪت ۾ رهندي آهي. اهو هر ڀيري جو آزمايل نسخو آهي پر جيڪڏهن وزير وغيره مٿان نه هجن ته انتظاميه پاڻ ڪجهه نه ڪندي آهي. جبلن کان وهي هيٺ ايندڙ پاڻي جي وهڪرن کي روڪڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هوندي آهي پر حڪومت جي موجودگيءَ سبب انتظامياڪجهه  قدم کڻندي  ۽ احتياطي تدبيرون گهٽ ۾ گهٽ وقت تي ڪندي آهي. انتظاميا هڪ اهڙو رويو اختيار ڪري ڇڏيو آهي جو اها پاڻ قدم کڻڻ کان لهرائيندي آهي.

سرڪاري اڏاوتن ۾ خرابيون به اهڙن ئي موقعن تي اڳيان اينديون آهن. روڊ لڙهي ويا، پلون ويهي ويون، هي اُهي خاميون آهن جيڪي انگريزن جي دور ۾ ڪيل اڏاوتن ۾ اڄ به ناهن ملنديون. ڪٿي به ايئن نه لڳو ته انتظاميا پهريان کان ڪنهن احتياطي انتظامن سان گڏ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار هئي. هٿ تي هٿ رکي ويٺا رهيا.  وڏي انگ ۾ ملازم رکندڙ ادارا پي ڊي ايم اي ڪٿي ننڊ ستل هئا. صورتحال پيدا ٿيڻ کانپوءِ ته هنن کي جاڳڻو ئي هوندو آهي پر پهريان کان انتظام ڪرڻ به ته هنن جي ئي ذميواري ۾ ايندو آهي. بس خبر ناهي ڇا ٿيو آهي جو هن ملڪ ۾ انتظاميا هٿ تي هٿ رکي ويهي رهي آهي. ڪهڙو به واقعو پيش اچي وڃي، آفيسر ڪوبه قدم ان وقت تائين نه کڻندا  جيستائين وڏو وزير ان واقعي جو نوٽيس نه وٺي. ڊپٽي ڪمشنر جي ذميواري ڪتابن ۾ لکيل آهي، پي ڊي ايم اي کي ڇا ڪرڻو آهي، هنن کي علم آهي پر ڪرڻو ڪجهه به نه آهي. صوبائي حڪومت جي ذميوارن جي ذميواري نڀائڻ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته وزيراعظم جي هدايتن تي فوري عملدرآمد تي جهل مگسي ۾ چوپائي مال جي علاج لاءِ وٽرنري ڊاڪٽر کي پهچايو ويو. وڏو وزير ڇا ڪري رهيو هو جو جيستائين وزيراعظم آيو اهو هٿ تي هٿ رکيون ويٺو رهيو.

وزيراعظم پاڻ به ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ته ماڻهن جي ڪابه وقت سر مدد نه ڪئي وئي. بلوچستان ۾ برساتن سبب فوت ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 164 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته 13 هزار کان وڌيڪ گهرن کي نقصان پهتو آهي. زرعي علائقن ۾ بيٺل فصل ۽ باغن کي به سخت نقصان کي منهن ڏيڻو پيو آهي. پي ڊي ايم اي بلوچستان جي جاري ڪيل رپورٽ موجب فوت ٿيندڙن ۾ 67 مرد 43 عورتون ۽ 54 ٻار شامل آهن. جانيون مختلف علائقن ۾ ويون آهن. زوب ۾ پيءُ پٽ درياءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا، ضلعي انتظاميا موجب گذريل رات زوب جي علائقي بادينزئي ۾ سيلاح خان ۽ هن جو پٽ شاد گل درياءَ جي ڪناري پنهنجي ڳئون ڳولڻ ويا جتي اهي اوچتو ايندڙ سيلابي وهڪري ۾ ٻڏي ويا، ليويز لاشن کي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو جتي ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، وڌيڪ ڪارروائي جاري آهي. ڪجهه مهينا اڳ سپريم ڪورٽ آزاد ڪشمير ۾ 2005ع ۾ ايندڙ زلزلي کانپوءِ متاثرن جي بحالي وغيره جي ڪمن ۾ دير تي سخت ڪاوڙ ڪئي هئي پر آفيسرن تي ڪوبه اثر نه پيو. ڪيترن ئي علائقن ۾ ته جنهن  ڏينهن زلزلو  آيو هو، اهڙي ئي صورتحال اڃا تائين برقرار آهي، اها ڪنهن جي ذميواري آهي.؟

اها بنيادي طور تي حڪمرانن جي اولين ذميواري آهي پر سڀ ئي ڏسي رهيا آهن ته حڪمران حلقا ۽ طبقا ڪٿي مصروف آهن. جن تي حڪمراني ڪرڻي آهي انهن کي گلين ۾ بي سهارا، لاوارث ڇڏي ڏنو ويو آهي. عوام جي چونڊيل سڀ کان طاقتور ايوان قومي اسيمبلي ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ متاثر ماڻهن سان همدردي ۽ يڪجهتي جي قرارداد جي منظوري ڏني وئي آهي. اڱاري تي قومي اسيمبلي ۾ مولانا عبدالاڪبر چترالي قرارداد پيش ڪئي ته هي ايوان سڄي ملڪ ۾ ايندڙ ٻوڏ سان متاثر ماڻهن سان ڀرپور همدردي ۽ حمايت جو اظهار ڪري ٿو. ان ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪري ٿو. هي ايوان مطالبو ڪري ٿو ته وفاقي حڪومت متاثر ماڻهن لاءِ ريسڪيو ۽ رليف پيڪيج ڏيڻ لاءِ صوبائي حڪومت جي سهڪار سان ڀرپور انتظام ڪري ۽ رليف جي ڪمن ۾ ڄاڻايل اسيملي ميمبرن کي به شامل ڪيو وڃي. ڇا قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي اها ئي ذميواري آهي ته قرارداد منظور ڪن ۽ مطالبو ڪن ته رليف جي ڪمن ۾ ڄاڻايل اسيمبلي ڪارڪنن کي به شامل ڪيو وڃي. اهي قومي اسميبلي جا ميمبر آهن جيڪي پنهنجي ذميواري جو مظاهرو ڪندي وفاقي، صوبائي ۽ ضلعي انتظاميا کي حڪم ڏئي سگهن ٿا پر هن بيابان ۾ هنن جي ٻڌي ڪير ٿو. شاعر انجم اخلاق ڇا ته خوب چيو آهي ته:

حاڪم شهر ڪي خواهش هي ڪي حڪومت ڪي جائي

ورنه حالات تو ايسي هين ڪي هجرت ڪي جائي