محرم راز .. رياست ۽ عمران جي سياسي طاقت

0
168
18 آڪٽوبر جو جلسو پاڪستان جي ماڻهن تي قرض آهي

 پاڪستان تحريڪ انصاف ( پي ٽي آءِ ) جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف هاڻي عدالتن ۾ وڏا ڪيس داخل ٿيڻ وارا آهن. ڇا هو انهن ڪيسن کي قانوني طريقي سان منهن ڏيندو يا وري انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ سياسي طاقت استعمال ڪندو؟ اهو اڄ جو بنيادي سوال آهي،جيڪو پاڪستاني سياست ۽ رياست  ٻنهي جي آڏو آهي .

                 عمران خان تي ممنوعه فنڊنگ وٺڻ،ڪوڙو حلف نامو داخل ڪرائڻ ۽ بي نامي اڪائونٽس رکڻ جا الزام ثابت ٿي چڪا آهن. اهي الزام اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي فيصلي سان ثابت ٿي چڪا آهن.توشا خانه ڪيس ۾ به عمران خان بري طرح سان ڦاسي چڪو آهي.هن خلاف ڪرپشن جا الزام به روزاني سامهون اچي رهيا آهن. لڳي ٿو هن جا سڀئي ڪيس هاڻي عدالتن ۾ ويندا.

                 پي ٽي آءِ وارا پاڻ اهو تاثر ڏئي رهيا آهن ته اهي هنن ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ سياسي طاقت جو استعمال ڪندا. هو اها به دعويٰ ڪن ٿا ته ڪير به عمران خان کي هٿ نه ٿو لڳائي سگهي. ڪجهه ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن جي مرڪزي ۽ صوبائي آفيسن آڏو احتجاج ڪري پنهنجي سياسي طاقت جو مظاهرو ڪيو. پيش بندي لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر سان گڏوگڏ اعليٰ عدليه جي ججن تي  سياسي دٻاءَ وڌائڻ لاءِ حربا استعمال ڪيا پيا وڃن. پي ٽي آءِ جي اڳواڻن جي بيانن مان اهو اشارو به ملي ٿو  ته عمران خان کي جيڪڏهن عدالتن مان نااهل ڪرايو ويو يا پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائي وئي ته انهن کي عدالتن جو اهڙو ڪوبه فيصلو قبول نه هوندو ۽ گهڻو سخت سياسي ردعمل ڏنو ويندو. پي ٽي آءِ جا حمايتي دانشور ۽ صحافي به ٽي وي چينلز تي ويهي اهي دليل ڏئي رهيا آهن ته پي ٽي آءِ هڪ مقبول سياسي جماعت آهي ۽ عمران خان انتهائي مقبول سياسي اڳواڻ آهي .جيڪڏهن ايئن ڪيو ويو ته ملڪ ۾ سياسي انتشار ٿيندو.انهي جو مطلب اهو آهي ته پي ٽي آءِ ۽ انهي جا حمايتي خبردار ڪري رهيا آهن ته عمران خان جي “سياسي طاقت” آڏو رياست ۽ قانون هاڻي سان ئي گوڏا کوڙي ويهي رهن.

ماضي ۾ ايئن ڪيترا دفعا ٿيو آهي، جڏهن قانون ئي نه بلڪه  رياست نام نهاد سياسي يا غير سياسي طاقت آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا.پاڪستان جي ماڻهن اهي منظر به ڏٺا جڏهن سينٽرل جيل ڪراچي تي ايم ڪيو ايم جي ماڻهن حملو ڪيو .جيل جون ديوارون ٽوڙي ڇڏيون ۽ الطاف حسين کي جيل مان ٻاهر ڪڍي آيا.رياست ۽ حڪومت طرفان ڪابه مزاحمت نه ٿي ۽ چيو ويو ته سياسي انتشار کان بچڻ لاءِ مزاحمت نه ڪئي وئي. اڳوڻي فوجي  آمر جنرل(ر)پرويز مشرف کي جڏهن بغاوت جي ڪيس ۾ سزا ٿي ته انهي کي جيل ۾ رکڻ بدران اسپتال رکيو ويو.انهي جي باوجود هن پنهنجي“ دوستن” کي چيو ته  کيس ملڪ کان ٻاهر موڪليو وڃي.دوستن چيو ته اوهان وٽ سياسي طاقت ته ناهي جنهن جي ڪري اسان چئي سگهون ته پرويز مشرف کي ملڪ کان  ٻاهر نه موڪليو ويو ته ملڪ ۾ سياسي انتشار ٿيندو.انهي تي اڳوڻي آمر پرويز مشرف چيو ته مان ايم ڪيوايم ۾ شامل ٿي ٿو وڃان.خير ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ کيس ٻاهر موڪليو ويو.هتي وري چيو ويو ته ملڪ کي بحران مان بچائڻ مقصد هو.هن جي “طاقت” جي آڏو به رياست ۽ قانون کي گوڏا کوڙڻا پيا.

ڇا هاڻي به ايئن ئي ٿيندو؟ماڻهو اها ئي اميد ڪري رهيا آهن ته هاڻي به ايئن ئي ٿيندو.عمران خان ۾ به الطاف حسين ۽ پرويز مشرف واريون خصوصيتون موجود آهن.عمران جي توپن جو نشانو به بنيادي ڌارا وارين سياسي قوتن ڏانهن آهي.هن جي سياسي  مقبوليت جو راز اها طاقت آهي جنهن پهرين هن جي سياسي مخالفن ۽مقبول عوامي اڳواڻن محترمه بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف کي جلا وطن ڪيو .پوءِ انتهاپسندن جي دهشتگردي جو خوف پيدا ڪري انهن کي سياست ڪرڻ نه ڏني.انهي کانپوءِ انهن کي جسماني ۽ سياسي طور ختم(Eliminate)ڪري ڇڏيو.اهڙي طرح عمران خان جي مقبول ۽ طاقتور  اڳواڻ بڻجڻ لاءِ رستو صاف ڪيو ويو.هاڻي به ملڪ کي سياسي “انتشار” کان بچائڻ جي نالي تي “نظريه ضرورت” جي استعمال لاءِ حالتون پيدا ڪيون پيون وڃن،پر هاڻي حالتون گهڻيون تبديل ٿي چڪيون آهن.

اڄ کان 2422 سال اڳ پهرين يونان جي فلسفي سقراط کي به طاقت جي ذريعي جيل مان فرار ڪرائڻ جي آڇ ٿي هئي. اها آڇ هن جي هڪ دولتمند دوست ڪرائٽو ڪئي هئي. جيڪو حڪمران طبقي ۾ به اثر رسوخ رکندو هو.سقراط انڪار ڪري ڇڏيو۽ انهي تي جيڪي ڪجهه چيو اهو رياست جي سماجي معاهدي جو قديم ترين بيان آهي. سقراط جو چوڻ هو ته هڪ شهري جي حيثيت ۾ منهنجو هڪ سماجي معاهدو آهي جيڪو رياستي قانون جو مجموعو آهي. رياست سان مان اهو ميثاق انهي ڪري نه ٿو ٽوڙي سگهان جو مون سان غير منصفاڻو فيصلو ٿيو آهي. جيڪڏهن مان ايٿينز مان ڀڄي ٿو وڃان ته منهنجي تعليمات جو اثر نه رهندو. سقراط کان به اهو ئي سوال ڪيو ويو هو جيڪو اڄ ترقي پسند ۽ مارڪسي دانشور ڪندا آهن ته رياست ته طاقتور ۽ جرائم پيشه ماڻهن جو هٿيار هوندي آهي ۽ هو انهن جي قانونن تحت ڇو موت جي سزا قبول ڪري رهيو آهي؟ سقراط انهي ڳالهه سان اتفاق ڪيو پر گڏوگڏ اهو به چيو ته رياست کي مجبور ڪيو وڃي ته اها سڀني  کي آئين ۽ قانون جو پابند ڪري.

جڏهن سقراط کي زهر ڏئي موت جي سزا ڏني وئي ته انهي وقت ايٿينز جي رياست پيلو پونيشيائي جنگ ۾ تباهه ٿي چڪي هئي، لاقانونيت ۽ انتشار جو شڪار هئي.طاقتور طبقا رياست جي عمل داري کي نه مڃيندا هئا. اهڙي رياست جي قانون کي تسليم ڪرائڻ لاءِ سقراط پنهنجي جان ڏني ۽ انهي رياست کي اعتبار بخشيو.پاڪستان جون حالتون به ايٿينز جي انهي وقت جي حالتن کان مختلف ناهن.عالمي ۽ علاقائي سطح تي تبديلين ۽تڪرارن جو طوفان اچڻ وارو آهي.اهو پاڪستان جون حالتون وڌيڪ خراب ڪري سگهي ٿو.هٿرادو“سياسي انتشار” جو ڊپ ڏئي پاڪستان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر نظريه ضرورت استعمال ڪيو ويو ته پوءِ اهڙو حقيقي انتشار پيدا ٿيندو جيڪو ڪنهن جي قابو ۾ نه ايندو.عمران خان کي گهرجي ته هو ڪيسن جو قانوني دفاع ڪري ۽ رياستي اداري قانون کي پنهنجو رستو اختيار ڪرڻ ڏئي. پاڪستان هاڻي پرويز مشرف ۽ الطاف حسين وارن ڊرامن جي سٽ نه ٿو سهي سگهي. ذوالفقار ڀٽو ۽ نواز شريف جهڙو سلوڪ سڀني سان ڪرڻو پوندو،جن غير منصفاڻن ۽ تڪراري فيصلن باوجود رياست ۽ قانون جي عمل داري کي تسليم ڪيو.