ترڪي ۾ باهه کانپوءِ ٻوڏ جي تباهي، 55 ماڻهو مارجي ويا

0
338

ڪراچي(م ڊ) ترڪي جي جهنگ ۾ باهه کانپوءِ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، پرڏيهي خابرو اداري موجب ملڪ جي اتر وارن علائقن ۾ طوفاني برساتن کانپوءِ ٻوڏ اچڻ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 55 ماڻهو مختلف واقعن ۽ حادثن ۾ مارجي ويا آهن، ٻئي پاسي ترڪي جي جهنگ ۾ لڳل باهه وسائڻ جي لاءِ ويندڙ روسي جهاز به ڪري تباهه ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ جهاز ۾ موجود 5 روسي ۽ 3 ترڪ رضاڪار به اجل جو شڪار ٿي ويا، ترڪي ۾ ٿيندڙ حادثي تي روسي صدر ولاديمر پيوٽن ترڪ هم منصب رجب طيب ارگان سان رابطو ڪري افسوسو جو اظهار ڪيو.