طالبان ۽ افغان حڪومت ۾ ڳالھيون جاري، علي احمد جلالي کي عبوري حڪومت جو سربراھ بڻائڻ جو فيصلو

0
575
طالبان ۽ افغان حڪومت
طالبان

ڪابل:طالبان جَي ڪابل ۾ داخل ٿيڻ بعد افغان حڪومت اقتدار ڇڏڻ لاءِ تيار، مُلا برادرز دوحا مان ڪابل پهچي ويا، افغان صدر اشرف غني طرفان اقتدار تان استعيفيٰ ڏيڻ جو امڪان آھن، وقتي گهرو وزير عبدالستار مرزاڪوال چيو آهي ته ڪابل تي حملو نه ڪرڻ جو معاهدو ٿي ويو آهي، عبوري حڪومت کي اقتدار جي منتقلي پرامن ماحول ۾ ٿيندي، علي احمد جلالي کي نئين عبوري حڪومت جو سربراهه مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، طالبان کي اقتدار جي منتقلي لاءِ صدارتي محل ۾ ڳالهيون جاري، عبدالله عبدالله ڌرين ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، طالبان پنهنجي ويڙهاڪن کي تشدد ۽ شهر مان منتقل ٿيندڙن کي محفوظ رستو ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، امريڪي، برطانوي ۽ آسٽريلين سفارتي عملي جي تيزي سان منتقلي، يورپي يونين جا ڪيترائي ميمبر ڪابل ۾ اڻڄاتل هنڌ منتقل ٿي ويا.

پرڏيهي ترجمان زاهد حفيظ چيو آهي ته ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخانو بند ڪرڻ بابت ڪو فيصلو ناهي ٿيو، افغانستان جِي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڳڻتي آهي، افغان تڪرار جَي حل لاءِ سفارتي ڪوششون جاري رهڻ گهرجن، پاڪستان نٿو چاهي ٿه افغانستان ۾ انساني الميو جنم وٺي.

طالبان پاڪ-افغان سرحد طورخم تي قبضي بعد سرحد بند ڪري ڇڏي آھي، سرحدي گذرگاهن تي هر قسم جي چرپر تي پابندي، پاڪستاني اختيارين ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهيون جاري، پاڪستاني اختيارين جو چوڻ آهي ته طالبان سان ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد واپاري سرگرميون بحال ٿي وينديون.

ڪابل ۾ امريڪي سفارتخاني مان عملو ڪڍڻ لاءِ آپريشن جاري آھي، هيليڪاپٽرز، بڪتر بند گاڏين ذريعي عملي کي ايئرپورٽ پهچايو پيو وڃي، امريڪي سفارتخاني مان دونهي جا ڪڪر ڇائنجي ويا، عملي کي حساس دستاويز تباهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، امريڪي صدر جوبائيڊن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن امريڪي مشن کي نقصان پهتو ته فوري ۽ اثرائتو جواب ڏنو ويندو.

نائن اليون بعد 2001ع ۾ امريڪا افغانستان ۾ طالبان جو اقتدار ختم ڪرايو، امريڪا طالبان خلاف ويڙهه ۾ 22 کرب ڊالرز کان وڌيڪ خرچ ڪيو، 20 سالن تائين افغان فورسز جِي تربيت ڪجهه هفتا به طالبان کي روڪي نه سگهي، امريڪي فوج جي جلد واپسي ۽ افغانستان تي طالبان جي ٻيهر ڪنٽرول بعد جوبائيڊن حڪومت مٿان سخت تنقيد، برطانيا جي اڳوڻي جنرل سر رچرڊ بيرنز چيو آهي ته جوائنٽ فورسز ڪمانڊ افغانستان جو مستقبل وڪڻي ڇڏيو، 36 ڏينهن اڳ جوبائيڊن خاطري ڪرائي هئي ته افغان فوج تربيت يافته آهي، طالبان قبضو نه ڪري سگهندا.

وڌيڪ تفصيل ؛ ڪابل ايئرپورٽ تي افراتفري. آمريڪي فوج جي فائرنگ، 5 ڄڻا مارجي ويا 

ڪابل

 

 

 

افغان صدر اشرف غني، نائب صدر سان گڏ افغانستان ڇڏي ھليو ويو

افغان صدر اشرف غني