ڪابل ايئرپورٽ تي افراتفري: آمريڪي فوج جي فائرنگ، 5 ڄڻا مارجي ويا

0
679
ڪابل

ڪابل:ڪابل ايئرپورٽ تي سموريون ڪمرشل ۽ عالمي اُڏامون معطل ٿي ويون، ايئرپورٽ تي افغانستان ڇڏيندڙ شهرين جي پِـِيهه، ڪابل ايئرپورٽ تي جهاز ۾ چڙهڻ جي ڪوشش ڪندڙ شهرين مٿان امريڪي فوج جي فائرنگ 5 ڄڻا مارجي ويا، امريڪي عهديدار جو چوڻ آهي ته شهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ هوائي فائرنگ ڪئي وئي، امريڪا، ڪينيڊا، ڊينمارڪ، ناروي ۽ فِن لينڊ ڪابل ۾ پنهنجا سفارتخانا عارضي طور بند ڪري ڇڏيا، پاڪستان، چين، روس ۽ ترڪي طرفان سفارتخانا کُليل رکڻ جو اعلان، چين چيو آهي ته افغان طالبان سان سٺن لاڳاپن لاءِ تيار آهيون، پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ شهرين جو به احترام ڪريون ٿا: پي آءِ اي به ڪابل ۾ پنهنجو فضائي آپريشن اڻڄاتل مُدي تائين معطل ڪري ڇڏيو.

افغانستان صورتحال تي غور لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس اڄ طلب ڪيوويو آھي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس طالبان تي زور ڏنو آهي ته هو افغانستان ۾ صبر جو مظاهرو ڪن، عورتن جي حقن جي پاسداري ڪرڻي پوندي، روس چيو آهي ته طالبان کي جائز اٿارٽي تسليم ڪرڻ جو اڃا وقت ناهي آيو.