خانپورمھر: ارباب غلام رحيم گوھر پيلس خانڳڙهه پھچندو، اهم ملاقات

0
317
ارباب غلام رحيم گوھر

خانپورمھر(ن پ ا) وزيراعظم عمران خان جو خاص معاون ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم گوھر پيلس خانڳڙهه پھچندو، ارباب غلام رحيم جي ڊي اي ايم پي اي سردار علي گوھر مھر سان ملاقات ڪندو، ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي صوبائي قيادت به ساڻس گڏ ھوندي، ذريعن موجب ٻنھي اڳواڻن وچ م اھم ملاقات ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال ۽ پ پ مخالف اتحاد کي اڳتي ڪھڙي نموني کڻي ھلجي بابت غور ويچار ڪيو ويندو، ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم گوھر پيلس تي ميڊيا نمائندن سان ڳالهه ٻوله پڻ ڪندو، ارباب غلام رحيم ايم پي اي علي گوھر مھر پاران ڏنل رات جي ماني دعوت ۾ به شرڪت ڪندو.