ملير: ميمڻ ڳوٺ ۾ هٿيار بند هٿان پيءُ ۽ ڌيءَ قتل، هڪ عورت زخمي

0
218
ڪراچي: ڪامران چورنگي واري علائقي ۾ گهر مان ماءُ ۽ چئن پٽن جا لاش هٿ
ڪراچي: ڪامران چورنگي واري علائقي ۾ گهر مان ماءُ ۽ چئن پٽن جا لاش هٿ

ملير(ن پ ا) ملير جي ميمڻ ڳوٺ ۾ ھٿياربند جي فائرنگ ۾ پيءُ ۽ ڌيءَ قتل، هڪ عورت زخمي ٿي پئي، پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربند گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪئي، مارجي ويلن ۾ غلام حيدر ۽ سندس ڌي بشرا شامل آهن، جڏھن ته 17 ورهين جي زينب زخمي ٿي پئي، فائرنگ ۾ زخمي ٿيل زينب مهمان ٿي آيل هئي، ايس ايس پي ملير جو چوڻ آهي ته مارجي ويل غلام حيدر تعويذ ڪندو هو، ڪجهه وقت اڳ تعويذ وٺڻ بعد هڪ عورت فوت ٿي وئي هئي، جنهن جو مڙس مقتول کان پلاند وٺڻ جون ڌمڪيون ڏنيون هيون، فائرنگ ڪري پيءُ ۽ ڌي جي قتل ۾ اهو ئي ماڻهو ملوث آھي، مقتولن جا لاش جناح اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.