افغان صدر اشرف غني، نائب صدر سان گڏ افغانستان ڇڏي هليو ويو

0
294
افغان صدر اشرف غني

ڪابل: طالبان پاران ڪابل جي گهيراءُ بعد افعان صدر اشرف غني ۽ نائب صدر امرالله صالح افغانستان ڇڏي هليا ويا آهن. برطانوي ميڊيا ڊيلي ٽيليگراف تاجڪ ميڊيا جي ذريعن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته افغان صدر اشرف غني نائب صدر سان گڏ تاجڪستان هليو ويو آهي، جتان هو ڪنهن ٻئي ملڪ روانا ٿيندا. ٻئي پاسي طالبان سان ڳالهين جي ٽياڪڙي ڪندڙ قومي مصالحتي ڪائونسل جي چيئرمين عبدالله عبدالله به تصديق ڪئي آهي ته هو افغانستان مان وڃي چڪو آهي.