سوال/سروي ملالا يوسف زئي بابت سنڌ جي ڪتابن ۾ سبق جي ساراهه، سنڌي عورتن جي به همت افزائي ڪئي وڃي: ٽوئٽس ۾ بحث

0
295

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي تصوير سان گڏ خبر شيئر ڪئي وئي ته سوات جي علم راڻي ملالا يوسف زئي بابت سبق سنڌ جي تعليمي نصاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ان سبق ۾ ملالا جو تعارف ۽ ان جي ڪاميابين جو ذڪر آهي. ان سبق جي ٽوئٽر تي آجيان ڪئي وئي آهي پر ڪجهه ماڻهن تنقيد به ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ان جي بدران سنڌ جي عورتن کي ڇو نظرانداز ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ٽوئٽر صارفين هڪ ٻئي جي موقف تي به تنقيد ڪئي. ان باري ۾ فرزين علي ٽوئيٽ ڪئي ته جيڪا هن ملڪ ۾ ڪٿي به حيثيت نه ٿي حاصل ڪري سگهي اها سنڌ ۾ حاصل ڪري وٺندي آهي. سنڌ جي حڪومت پنهنجين لائق عورتن کي پوئتي ڌڪي ٻاهرين کي تاج پارائي ٿي، معاف ڪجو، سچ وڏو ڏوهاري آهي! ان تي ردعمل ۾ سنجي راجا چيو ته اوھان جھڙو ماڻھو به اھڙي سوچ رکي تـ مون کي پريشاني ٿئي ٿي، ملالا جي حيثيت ملڪ جي ھر حصي ۽ پوري دنيا ۾ آھي ملالا ڪڏنھن به ڌڪاريل ناھي، ھو تعليم جي اڳڀرائي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ھڪ عظيم ڇوڪري آھي. ٻين کي ڌڪارڻ کي ملالا سان نه جوڙڻ کپي، باقي اوھان جي مرضي. معظم خان نيازي چيو ته ڪو سمجھه وارو انسان اھڙي ڳالھ گھٽ ۾ گھٽ نه ڪندو. باقي اڪثر شگر ڪوٽڊ سمجھاڻيون ڪم جون نه رھنديون آھن اتي اھي ئي سڀ کام پولائٽ تشبيھون ھونديون آھن. خوش ھجو. محمد صالح ڪوري چيو ته هتي هرڪو اڀرندي سج جو سلامي آهي، جيڪا وڏي زيادتي آهي. سنڌ ۾ ڪيتريون ئي سنڌياڻيون آهن جن کي نصاب ۾ جڳھه ملڻ گهرجي، جيئن آپا شمس عباسي، جيڪا ايجوڪيشنسٽ، اڪيڊمڪ ليڊر، اسڪالر ۽ ليکڪا هئي، آپا سنڌي ۽ انگريزي ۾ 22 ڪتاب لکيا، هن غريب خاندانن جي نياڻين جي تعليم لاءِ جام ڪوششون ورتيون. حميد ڏيپلائي راءِ ڏني ته منھنجي خيال ۾ ساڳي ڳالھه کي ڪنھن ٻئي طريقي سان به رکي سگھجي ٿو. اسين اھو چئي سگھون ٿا ته نصاب ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ھمت ۽ حوصلي جا ڪيترائي مثال سنڌ وٽ موجود آھن جنھن مان آسو ڪولھي به ھڪ مثال آھي۔ اسانکي پنھنجي نياڻين کي پروموٽ ڪرڻ گھرجي ۽ نئين نسل سان کين متعارف ڪرائڻ گھرجي. شازينا لغاري چيو ته ملالا کي نه ته ڇا طالبان کي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي؟ ملالا ھڪ مڃيل ھيرو آھي. صفدر گبول چيو ته ملالا عورتن جي تعليم لاءِ ھڪ وڏو ڪردار ادا ڪيو جنهن کي پوري دنيا ساراھيو آهي جنھن تي ھن کي نوبل انعام به ڏنو ويو. ملالا بلڪل ڌڪاريل ناهي. پنجاب ۾ مذھبي انتھا پسندن جي اعتراض جي ڪري ملالا کي نصاب مان ھٽايو ويو. سنڌ بلڪل انھي انتھا پسندي کان پاڪ آهي. اسان جو مطالبو آھي ته ملالا سان گڏو گڏ انهن سنڌي عورتن کي به نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي جيڪي ڏينهن رات تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪن پيون. جنت خاتون چيو ته ملالا پ پ جو گائيڊيڊ اڳيون پتو آھي پ پ جي وفاق ۾ حڪومت آئي ته ملالا ان جي منسٽر به ٿيندي. شيرين خاصخيلي چيو ته سچ واقعي وڏو ڏوهاري آ. نعمان چنڙ چيو ته اها ڳالهه توهان کان ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو. ان کان علاوه عديل اعواڻ، امي جوڻيجو، خانو ڌاڙيل، سنڌي اجرڪ، بابو خان بوزدار، خليق ميمڻ، رولاڪ سنڌي ۽ ايڊووڪيٽ سڪندر ايوب به پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.