پاڪستان جي پهرين عورت ليفٽيننٽ جنرل تي ٺهندڙ فلم جو ٽيزر جاري

0
406

لاهور(شوبز نيوز)پاڪستان جي پهرين عورت ليفٽيننٽ جنرل نگار جوهر جي حياتيءَ تي ٺهندڙ ٽيلي فلم ”ايڪ هي نگار“ جي پهرين جهلڪ منظر تي اچي وئي.ڪجهه ڏينهن کان خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته ماهرا خان آءِ ايس پي آر جي هڪ پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ هوءَ راولپنڊي جي آرمي ميڊيڪل ڪاليج ۾ فلم جي عڪسبندي ۾ مصروف آهي.گذريل ڏينهن آزادي ڏهاڙي جي موقعي تي آءِ ايس پي آر پنهنجي يوٽيوب چئنل تي ماهرا خان جي نئين ٽيلي فلم جو ٽيزر جاري ڪيو، جنهن ۾ اداڪارا کي پاڪ فوج جي وردي ۾ ڏسي سگهجي ٿو.ٽيلي فلم نجي ٽي وي تان نشر ڪئي ويندي، جنهن ۾ ماهرا خان، بلال اشرف ۽ سهيل سمير سميت ٻيا اداڪار به نظر ايندا.فلم جي رائيٽر عميرا احمد آهي، جڏهن ته ان جو هدايتڪار عدنان سرور آهي.ٽيلي فلم جون پروڊيوسرز نينا ڪاشف ۽ ماهرا خان آهن.واضح رهي ته نگار جوهر پاڪستاني تاريخ ۾ ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي مقرر ٿيندڙ اڪيلي عورت آهي ۽ هوءَ آرمي ميڊيڪل ڪور سان واسطو رکي ٿي.