گلوڪارا ٽيلر سوئفٽ جي جاسوسي ڪندڙ شخص گرفتار

0
224

ڪيليفورنيا (شوبز نيوز) آمريڪي گلوڪارا ٽِيلر سوئفٽ جو پيڇو ڪندڙ شخص کي مبينا طور هن جي نيو يارڪ اپارٽمينٽ بلڊنگ مان گرفتار ڪيو ويو آهي.پيٽرڪ نيسن نالي 28 ورهين جو شخص گلوڪارا جو پتولڳائڻ لاءِ بس ذريعي هو پنهنجي گھر کان يويارڪ ويو هو.پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته ان شخص جي عمارت ۾ بغير اجازت جي موجودگيءَ تي رهواسين جاسوسي جو الزام لڳايو هو.پوليس ٻڌايو ته جوابدار کي سيڪيورٽي گارڊ ڏٺو ۽ جڏهن هن محسوس ڪيو ته نيسن عمارت ۾ اجازت کان سواءِ داخل ٿيو آهي ته هن پوليس کي فون ڪئي جنهن تي کيس گرفتار ڪيو ويو.پوليس موجب جوابدار کي گلوڪارا سان محبت هئي، جيڪا ان وقت گھر ۾ نه هئي ۽ اهو به ٻڌايو ته گلوڪارا جي تصوير ان شخص جي انسٽاگرام پيج تي موجود آهي.