فحش فلمن وارو ڪيس: راج ڪندرا جو ساٿي گرفتار، ڏوهه جو اعتراف

0
242

ممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ اداڪارا شلپا شيٽي جي مڙس راج ڪندرا جي فحش فلمن ۾ ملوث هجڻ واري انڪشافن کانپوءِ ڀارتي پوليس جي ڪرائيم برانچ ڪيس جون اهم ڪڙيون ظاهر ڪندي رهي آهي.ان حوالي سان ڀارتي اداڪارا شلپاشيٽي جي ملوث هجڻ يا نه هجڻ لاءِ کانئس ڪيترائي ڀيرا جاچ ڪئي وئي هئي پر تنهن هوندي به ڪي پختا ثبوت نه ملڻ تائين هن وقت تائين سندس ملوث هجڻ جي تصديق نه ٿي.ڀارتي پوليس جي ڪرائيم برانچ فحش فلمن جي پروڊيوسنگ ۽ وڪري سميت انهن کي اپلوڊ ڪرڻ واري ايپليڪيشن جي رجسٽريشن جي حوالي سان به اهم انڪشاف ڪري چڪي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته راج ڪندرا ”هاٽ شاٽس“ نالي ايپ لنڊن مان رجسٽر ڪرائي جيڪا سندس ڀيڻيوي جي نالي تي رجسٽر ٿيل آهي.تنهن باوجود ڀارتي پوليس هاڻي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ڪندي فحش فلمن جي هدايتڪاري جي الزام ۾ راج ڪندرا جي ساٿي بومبل کي گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن گرفتار ٿيڻ کانپوءِ بومبل فحش فلم ڪيس ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف به ڪري ورتو آهي.واضح رهي ته شلپا شيٽي جو مڙس راج ڪندرا گذريل هڪ مهيني کان پوليس جي گرفتاري هيٺ آهي ۽ عدالت اهم جوابدار هجڻ ڪري ان جي ضمانت واري درخواست به رد ڪري ڇڏي هئي.هڪ ڀارتي ماڊل راج ڪندرا خلاف درخواست ڏني هئي ته ان ويب سيريز ۽ فلمن ۾ موقعو ڏيڻ جي لالچ ڏني هئي جنهن کانپوءِ کانئس زبردستي بولڊ سين شوٽ ڪرايا ويا هئا.ان حوالي سان تازو ئي هڪ ڀارتي اداڪارا کي به راج ڪندرا جي موبائل ايپ ۾ ڪجهه پروڊيوسر سان گڏ فحش مواد اپلوڊ ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن جي به ضمانت واري درخواست رد ڪئي وئي آهي.