ناصر جان خان هزارين فالوورز کي منجهائي ڇڏيو

0
248

لاهور(شوبز نيوز)سوشل ميڊيا تي مزاحيه وڊيوز ٺاهي شهرت ماڻيندڙ ناصر جان خان شادي ڪري ڇڏي آهي، تنهن هوندي به ان حوالي سان سندس ڪو بيان ناهي آهيو پر سندس ڳاڙهي جوڙي ۾ ڪنوار سان گڏ ويٺل ۽ کير پيئڻ وارو ڦوٽو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي.هڪ تصوير سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهي آهي جنهن ۾ ناصر خان جان کي ڳاڙهي شلوار قميص پهريل آهي جڏهن ته شادي جي لباس ۾ هڪ عورت ساڻس گڏ بستري تي موجود آهي پر هن جو چهرو ايموجي سان ڍڪيل آهي.ناصر خان جان جي شادي جي هڪ تصوير شيفنگو نالي هڪ فيس بُڪ پيج تي شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ٻنهي کي گڏ ويٺل ڏسي سگهجي ٿو.