عمرڪوٽ: بي ايس سي پاس نوجوان نوڪري نه ملڻ تان آپگهات ڪري ڇڏيو

0
429

عمرڪوٽ (ن پ ا) عمرڪوٽ ڀرسان نوجوان مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو ڳوٺ ولھار واسي 19 ورهين جو شنڪر ڏڄار وڻ ۾ رسو ٻڌي مبينا طور تي آپگھات ڪيو، اطلاع تي پوليس پھچي لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو، وارثن موجب شنڪر بي ايس سي جو شاگرد ھو ۽ بيروزگار ھو، نوڪري نه ملڻ ۽ بيروزگاري سبب ھن آپگھات ڪيو، والد پورھيت ھجڻ سبب شنڪر ٽيوشن پڙھائي گھروارن جي ڪفالت ڪندو ھو.