بڇيري ۾ وحشي پٽن پيرسن پيءُ تي مبينا طور پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي

0
272
بڇيري ۾ وحشي پٽن پيرسن

نوابشاهه (رپورٽ: اياز ڏاهري ) بڇيري ۾ وحشي پٽن پيرسن پيءُ تي مبينا طور پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي، ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته بڇيري ۾ وحشي پٽن گهرو اڻبڻت تان پيرسن پيءُ تي مبينا طور پيٽرول هاري  باهه ڏئي ڇڏي، پيرسن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

سڙي زخمي ٿيل 57 ورهين جي گينو مل کي پوليس پاران نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ سڙي زخمي ٿيل گينو مل جو چوڻ هو ته پٽن ڌرمون مل ۽ گامون مل  شادي ۾ هلڻ تان مون تي پئٽرول هاري باهه ڏني

بڇيري پوليس جو چوڻ آهي ته پٽن پاران شادي ۾ وٺي وڃڻ کان انڪار ڪرڻ تي پيرسن پاڻ تي پئٽرول هاري باهه ڏني، ڊاڪٽرز موجب پيرسن جو 70 سيڪڙو  جسم سڙي ويو آهي

هي به پڙهندا

ڪنب ۾ معصوم ٻارڙين سان زيادتي ڪري سندن وڊيوز ٺاهيندڙ جوابدار کي پوليس هاف فراءِ ڪري ڇڏيو

ٽنڊو مستي ويجهو جوڙو مبينا طور اغوا بعد بازياب، 8 جوابدار گرفتار