وزيراعظم طرفان 7 فيبروري تي آل پارٽيز ڪانفرنس طلب، عمران خان کي به شرڪت جي دعوت

0
157
وزيراعظم طرفان 7 فيبروري تي آل پارٽيز ڪانفرنس طلب
وزيراعظم طرفان 7 فيبروري تي آل پارٽيز ڪانفرنس طلب، عمران خان کي به شرڪت جي دعوت

وزيراعظم شهباز شريف 7 فيبروري تي آل پارٽيز ڪانفرنس گهُرائي ورتي، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي به شرڪت جي دعوت ڏني وئي

وزيراعظم هائوس طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب سموري قومي قيادت کي اَي پي سِي کي شرڪت جِي دعوت ڏني وئي آهي

وفاقي وزير اياز صادق جا پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر ۽ پرويز خٽڪ سان رابطا ٿيا آهن، وزيراعظم طرفان اهم قومي چيلنجز تي سمورن سياسي اڳواڻن کي هڪ ميز تي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

وزيراعظم اپيڪس ڪميٽي جي اڄوڪي رٿيل اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي ٻن نمائندن کي به شرڪت جي دعوت ڏئي ڇڏي، اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ سمورا اسٽيڪ هولڊرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اعليٰ عملدار شرڪت ڪندا

هن کي به پڙهندا

اسان عوام کي رليف نه ٿا ڏئي سگهون: مريم نواز

شيخ رشيد جو رمانڊ منظور: عمران خان کي زهر ڏئي مارڻ جو خدشو ظاهر