ڪنب ۾ معصوم ٻارڙين سان زيادتي ڪري سندن وڊيوز ٺاهيندڙ جوابدار کي پوليس هاف فراءِ ڪري ڇڏيو

0
250

ڪنب ۾ معصوم ٻارڙين سان زيادتي ڪري سندن وڊيوز ٺاهيندڙ جوابدار کي پوليس هاف فراءِ ڪري ڇڏيو

ڪنب (رپورٽر) ڪنب ۾ معصوم ٻارڙين سان زيادتي ڪري سندن وڊيوز ٺاهيندڙ جوابدار کي پوليس هاف فراءِ ڪري ڇڏيو آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن سان مقابلو ٿيو، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران جوابدار غلام مهراڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو

پوليس موجب مقابلي دوران زخمي جوابدار جا ٻيا ساٿي فرار ٿي ويا، پوليس ٻارڙين سان زيادتي بعد سندن وڊيوز ٺاهڻ جي الزام هيٺ غلام مهراڻي خلاف ڪيس به داخل ڪيو هو

 ايس ايس پي روحيل کوسو جي هدايتن تي جوابدار جي گرفتاريءَ لاءِ ٽيم به جوڙي وئي هئي

هي به پڙهندا

ڪنب ۾ معصوم نياڻين جون اعتراض جوڳيون وڊيوز رڪارڊ ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيو