مڪاني چونڊون: بدين، لاڙڪاڻي ۽ شھرن ۾ سياسي سرگرميون شروع، گڏجاڻيون

0
434
بدين ضلعي ۾ مڪاني چونڊ

بدين/لاڙڪاڻو (نمائندن وٽان) بدين ضلعي ۾ مڪاني چونڊن جون سرگرميون، پيپلزپارٽي، مرزا گروپ، تحريڪ لبيڪ  ۽ آزاد اميدوارن پاران ڊوڙ ڊڪ شروع ٿي وئي جڏهن ته نوجوانن جي وڏي انگ پاران پڻ چونڊ وڙهڻ جون تياريون جاري آھن، تفصيل موجب سنڌ ۾ ٻئي مرحلي ۾ 24 جولائي تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن لاءِ بدين ضلعي ۾ سياسي سرگرميون شروع ٿي ويون آهن

  سياسي پارٽين پاران ويجهن دوستن ۽ مٽن مائٽن سان رابطن جي  سلسلي ۾ پڻ تيزي اچي وئي آهي، جڏهن ته وڏيرن، پيرن ميرن جي اوطاقن تي ماڻھن جي رش وڌندي نظر اچي رھي آھي

ٻئي طرف اڳوڻي اليڪشن ۾ ڪاميابي ماڻي چيئرميني ۽ ڪائونسلري  جون سيٽون سنڀاليندڙ چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن  پنهنجي علائقي ۾ ترقياتي ڪم ڪرڻ بدران ڪرپشن کي وڌيڪ ترجيح ڏني جنهن سبب عوام به سخت ڪاوڙ ۾ آهي ۽ مختلف برادرين پاران پنهنجي علائقي توڙي وارڊن مان پنهنجا ماڻهو بيھاري سياسي/ ماڻهن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تياريون ڪيون پيون وڃن، ان سلسلي ۾ ڪيل سروي موجب ته بدين ضلعي جي 68 يوسيز، ٻن ميونسپل ڪاميٽين ۽ 11 ٽائونن  ۾ چونڊيل چيئرمينن طرفان عوام جا ڪم نه ڪرڻ سبب انھن  شھرن جي حالت اجڙيل نظر اچي رھي آھي

ٻئي طرف پيپلزپارٽي پاران پنهنجن ماڻهن کي اليڪشن ۾ چونڊ وڙهڻ لاءِ ضلعي آفيس ۾ ضلعي صدر حاجي رمضان چانڊيو وٽ 15 مئي تائين درخواستون جمع ڪرائڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا ويا آهن جتي پيپلزپارٽي پاران اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن پاران درخواستون جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي، باخبر ذريعن موجب بدين ضلعي ۾ جلد تبديلي اچڻ جا امڪان آهن جنهن ۾ ڪجھه سياسي پارٽين جا اڳواڻ  جيڪي بدين ۾ ٿيندڙ اليڪشن مهم جي نگراني ڪرڻ لاءِ بدين جي ماڻهن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ راضي ڪندا

جڏهن ته عوام ۾ ڪاوڙ بعد پيپلز پارٽي نئين حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي جنهن تحت بدين ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊ لاءِ اهم اڳواڻ اليڪشن مهم جي نگراني ڪرڻ لاءِ جلد اماڻڻ جو فيصلو  ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب هن دفعي بدين ۾ پيپلزپارٽي، مرزا گروپ، تحريڪ لبيڪ،  ۽ آزاد اميدوارن پاران ڀرپور نموني سان اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ ڊوڙ ڊڪ شروع ٿي وئي آهي.ڌ

لاڙڪاڻي ۾ مختلف يوسيز تي چيئرمين شپ لاءِ پ پ جي ھڪ کان وڌيڪ اميدوارن فارم ڀرائي ورتا

 لاڙڪاڻي ۾ مڪاني چونڊن جي سلسلي ۾ پ پ جي اميدوارن طرفان ضلعي ڪائونسل توڙي يوسيز ۽ جنرل سيٽن لاءِ فارم جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي، ان ڏس ۾ يوسي رشيد وڳڻ جي پ پ اميدوارن فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، جڏهن ته يوسي رشيد وڳڻ مان ضلعي ڪائونسل ميمبر شپ لاءِ حاجي عبدالغفار وڳڻ، عمير وڳڻ ۽ ڊاڪٽر سڪندر لاکو پاران فارم جمع ڪرايا ويا، ٻئي طرف چيئرمين شپ لاءِ الطاف حسين شيخ، وائيس چيئرمين لاءِ ذوالفقار علي گاڏھي جڏهن ته ساڳئي/ڏسو صفحو 6 بقايا 24

 يوسي تي چيئرمين لاءِ غلام مرتضي سامٽيو ۽ وائيس چيئرمين لاءِ محمد عثمان ابڙو فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، هوڏانهن يوسي رشيد وڳڻ تي جنرل ڪائونسلر جي سيٽ لاءِ جاويد علي ڪلهوڙو، غلام حيدر جماراڻي، علي نواز جماراڻي، غلام سرور سامٽيو، آصف علي عرف پرويز سامٽيو، عثمان ابڙو، غلام تقي سامٽيو، ذوالفقار علي وڳڻ، پرويز علي شيخ چيف مانيٽرنگ آفيسر وٽ فارم جمع ڪرايا، ان حوالي سان فارم جمع ڪرائيندڙ حاجي عبدالغفار وڳڻ، عمير وڳڻ، ڊاڪٽر سڪندر لاکو، الطاف حسين شيخ ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته پارٽي طرفان فارم جمع ڪرايا آهن پارٽي جنهن به اميدوار کي نامزد ڪندي اھو چونڊن ۾ حصو وٺي ڪاميابي ماڻيندو، ھنن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي جنهن ھميشه ھن ملڪ جي عوام جي خدمت ڪئي آهي مڪاني چونڊن ۾ مخالفن کي عبرتناڪ شڪت ڏينداسين

ھي به پڙھندا

محرابپور جي ٻن ٽائون ۽ 10 يوسيز تي پ پ پاران اميدوار فائنل، لوڌي ناراض، آزاد پينل ٺاهي ورتو