سوال/سروي سنڌ عمران کي پنهنجو ڪندي يا زرداري سان جڙيل رهندي؟ عوام ڇا ٿو چوي؟

0
286
سوال/سروي سنڌ عمران کي پنهنجو ڪندي يا زرداري سان جڙيل رهندي؟ عوام ڇا ٿو چوي؟

  ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت جي خاتمي جي شروعات سنڌ کان ٿيندي، ان بيان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته عمران جڏهن وزيراعظم هو تڏهن ته هن کي سنڌ ياد نه هئي، سنڌ کي پنهنجو صوبو تسليم ئي نه ڪندو هو، هاڻي ڪهڙي منهن سان سنڌ ايندو، سروي ۾ پ پ کان به بيزاري جو اظهار ڪيو ويو، سوال/سروي ۾ سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ سليم اختر لکيو ته پاڻي صورتحال گهڻي خراب ٿي چڪي آهي عوام پي پي جي رويي مان نااميد آهي ان وقت عمران خان طرفان اھڙو بيان اچڻ سٺو سنوڻ آهي، عبدالحئي ساوند لکيو ته جڏهن اقتدار ۾ هو ته چوندو هو، سنڌ همارا صوبانهين، فيض علي زرداري لکيو ته عمران خان نفسياتي مريض آهي، الطاف پرويز ڀٽو لکيو ته هنن مفاد پرستن جي مفادن ۾ سنڌ اڃان به لوڙيندي، طارق باجڪاڻي لکيو ته بلڪل حالتون سنڌ ۾ موجود پيپلزپارٽي جي حڪومت جي خلاف آهن، ايم عيسيٰ لنڊ لکيو ته سنڌ مان جلد پ پ حڪومت ختم ٿيندي، الطاف حسين لکيو ته سنڌ وارا عمران سان گڏ آهن، ايم اعجاز سومرو لکيو ته جڏهن به ڪنهن سياستدانن تي ڏکيو وقت ايندو آهي تڏهن انهن کي سنڌ ياد ايندي آهي۽ سنڌ ڪارڊ استعمال ڪندا آھن، ممتاز علي سميجو لکيو ته عمران خان جو بهترين اعلان آهي پر ناڪام ٿيندو،

الطاف بلوچ لکيو ته اهو تاثر عمران جو بلڪل غلط آهي جيڪو پنهنجي دور ۾ سنڌ کي پنهنجو صوبو به تسليم نه ڪندو هو اهو هاڻ ڇا ڪندو،ڪندي گل حسن شر لکيو ته عمران چوندو ھيو سنڌ اسان جي ناھي وري به آزمائڻ گھرجي، راحيل سهتو لکيو ته پ پ منع ڪئي هين ته تنهنجو سنڌ ۾ ڪو ڪم ناهي، عابد ڀٽي لکيو ته عمران نيازي حڪومت وڃائيڻ کان پوءِ ھاڻ ھر ھربو ھلائيندو، خادم رند لکيو ته پاڪستان جي ڪيترن ئي سياستدانن کي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان نفرت جي حد تائين بغض رھيو آھي. عمران خان به اھڙي ٽولي جو ھڪ اھم رڪن آھي. محمد الياس شر لکيو ته عمران خان جيل ويندو، ايندڙ حڪومت نواز شريف جي ٺھندي سنڌ وري به پ پ جي هوندي، فهد جروار لکيو ته سنڌ ۾ جلد تبديلي ايندي، اشوڪ ڪمار اوڏ به سروي ۾ حصو ورتو، ، شبير سهتو لکيو ته خان جڏهن 3 سال 8 مھينا وزيراعظم ھو تڏهن سنڌ ياد نه آئي، مير خان جنجهي لکيو ته مڙئي ڦوڪون ٿو ڏئي، فاروق احمد لکيو ته مشڪل آهي پر ناممڪن ناهي، عبدالله قمبراڻي لکيو ته سنڌ کي چار سال حڪومت ھوندي سر سبز ڪري ڇڏيائين حق ٿئي ٿو سنڌ مان انقلاب آڻيندو، رضا جروار لکيو ته ڪجهه به چئي سگهي ٿو، ارباب ذڪاءُالله نهڙي لکيو ته پ پ وارا رڳو اعلان ڪري هليا ٿا وڃن،

فقير علي لکيو ته حقيقت اهي، اويس قرني لکيو ته تبديلي اچڻ گهرجي، غلام مرتضيٰ لکيو ته سنڌ مان ڪجهه نه ملندس، احمد خان ڀرڳڙي لکيو ته ايئن ئي ٿيندو، عبدالرحمان چانگ لکيو ته لڳي ته مشڪل ٿو، وسيم راجپوت لکيو ته انشاءَالله، ارمان الهداد ڪنڀر لکيو ته پهريان سنڌ ياد نه هيس، اي بي خشڪ لکيو ته سنڌ جو عوام 5 سال وري پ پ کي ووٽ ڏيندو، آسودو مل لوهاڻو لکيو ته وفاق ۾ حڪومت هوندي سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو ڪردار نڀايو هو، شهباز علي ماڃوٺو لکيو ته پاڻي جي مسئلي سبب عمران خان جي ساراهه ۽ پ پ جي مخالفت ٿي رهي آهي، علي مراد لاشاري لکيو ته جڏهن وزيراعظم هو ان وقت سنڌ کي پنهنجو صوبو به نه مڃيندو هو، عثمان سنڌي لکيو ته عمران به چار سال هيو ان وقت ته سنڌ ياد ڪونه هيس هاڻي ڪيئن هن کي سنڌ ياد اچي وئي هاڻي ووٽ حساب سان ڏبو، نادر ابڙو ليکو ته عمران کي هاڻي پنهنجو وقت زيان ڪرڻ کانسواءِ ٻي پاليسي ڏسڻ ۾ نه اٿي اچي سياسي ڌرين جي رساڪشي ۾ غريب عوام نپوڙجي ويو آھي هي ڪروڙين رپيه خرچ ڪري جلسا ۽ ريليون ڪڍڻ ۾ پورا آھن ڪجھ عوام تي به رحم ڪريو جيتري تڪليف صحيح به سگهي، الياس سمون لکيو ته ممڪن آهي ائين ٿئي، جنيد جمالي لکيو ته پ پ ايم ڪيو ايم اتحاد ختم ٿيڻ سان حڪومت ختم ٿيڻ جو اشارو آهي.

نواب ظفر جروار لکيو ته خان به سنڌ لاءِ ڪجهه نه ڪيو، هيلٿ ڪارڊ سنڌ کي نه ڏنو، غلام محمد لکيو ته مڃون ٿا عمران سنڌ کي ٽائيم ن ڏنو پر هنن ڪهڙي جنت ٺاهي آهي، حافظ آزاد سهندڙو لکيو ته سنڌ حڪومت سنڌ جي تباهي ڪئي آهي پ پ جي خاتمي لاء اسين سڀ عمران خان سان گڏ هونداسين، حبيب راڄپر لکيو ته هي پنھنجي حڪومت بچائي ڪونه سگھيو ٻين جي ڪيرائيندو ڪيئن؟ مير سڪندر سولنگي لکيو ته عمران خان بلڪل درست چئي رھيو آھي 14 سالن کان سنڌ جو عوام سورن ۾ آھي، سمير احمد لکيو ته ويلڪم عمران خان، محبوب علي جلالاڻي لکيو ته نيازي ڪهڙي حساب سان سنڌ ايندو گزريل ساڍن 3سالن ۾ حڪومت ۾ سنڌ ۾ ڪهڙيون کير جون نديون وهايون،

فضل سبزوئي، عبدالستار ملڪ، عبدالستار سهرياڻي، لياقت نهڙي، راشد پنھور، مولابخش لغاري، وفا اظهر علي، سجاد نهڙي، حماد ڪنڀر، محمد حنيف، دائود لغاري، مبين اڄڻ، علي رضا، سيد بادشاهه، افتخار باجڪاڻي، جميل مڱريو، مير جاسم بلوچ، فهيم جوڻيجو، نقاش احمد، عزيزالله ارباب، راجا مهر، بخت گوپانگ، احمد علي، مير محمد، محمد عمران، اياز جهتيال، رزاق ڍاٽي، غلام رضا راڄپر،  حاڪم علي، زاهد مهر، ڪرم ضمير شر، ڄام اصغر، عبدالحئي ساوند، غلام رضا راڄپر، امتياز مستوئي، نظير احمد خليلي، ياسر کٽياڻ،ممتاز علي ڪلهوڙو، آزاد اسدالله هنڱورجو، شنڪر باغي، عاشق ڀٽي، خالد حسين، عرفان گل، ايم يامين، ايم ادريس، عبيدالله نهڙيو، اشفاق چانڊيو، شڪيل احمد، شهسوار حسين، خالد رضا بجير، اسامه سنڌي، عرفان جروار، شيراز چانگ، الهڏنو راهمون، محمد صديق ميانداد، سنتوش ڪمار، اعجاز احمد، عامر مهر، رحيم خان جوڻيجو، بخشل، احمد خان بجاراڻي، شهزور خان دراني، ظهور لغاري، راحيل سهتو، ضمير لاکو، عاصر احمد بلوچ، شوڪت شاهه، مجاهد رند، عمران جوڻيجو، عبدالحفيظ، هيمراج سنگهه راجپوت، ڪامران خان، ممتاز علي، خالد ٿري، سجاد علي ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.