محرابپور جي ٻن ٽائون ۽ 10 يوسيز تي پ پ پاران اميدوار فائنل، لوڌي ناراض، آزاد پينل ٺاهي ورتو

0
339

ھالاڻي(ن پ ا) تعلقي محرابپور ۾ مڪاني چونڊ لاءِ پيپلز پارٽي پاران 10 يونين ڪائونسل ۽ ٻن ٽائون ڪاميٽين محرابپور ۽ ھالاڻي جا اميدوار  فائنل ڪري ورتا. تفصيل موجب  عاقل شاھه تي پي پي پي ايم اين اي سيد ابرار شاھه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ اميدوارن جي لسٽ فائنل ڪئي وئي

يوسي لاکا روڊ تي پارٽي جي سرگرم اڳواڻ کي نظر انداز ڪري ڇڏيو  جنهن بعد پيپلز پارٽي تعلقي محرابپور جي نائب صدر فياض خان لوڌي آزاد پينل ٺاھي چيئرمين لاءِ فياض خان لوڌي، ضلعي ڪائونسل جي ميمبر لاءِ  جي ڊي اي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير سيد اصغر شاھه جو ويجھو ساٿي علي لاکو ۽ وائيس چيئرمين لاءِ اين پي پي اڳواڻ اقبال ڏاھري جي ڀاءُ پرويز علي ڏاھري کي اميدوار نامزد ڪيو ويو  ۽ اڪثر وارڊ  اڳوڻي ايم پي اي جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالستار راڄپر جي ماڻھن کي ڏنا ويا آهن،  جلد لاکا روڊ ۾ جلسو ڪرائي پي پي ڊويزنل صدر ضياء الحسن لنجار جي ھٿ تي پيپلز پارٽي ۾ شامل ڪرايو ويندو

جڏھن ته پيپلز پارٽي قيادت اھڙي فيصلي تي ناراض نظر اچي رھي آھي ڪجھ ڏينھن پھريان پي پي ايم اين اي سيد ابرار شاھ پينل لاء اڳوڻو چيئرمين فراز خان لاکو کي چئي ڇڏيو ھو جنھن کانپوء پيپلز پارٽي پنھنجو پينل مڪمل ڪري ورتو ھو جنھن ۾ چيئرمين فراز خان لاکو ضلع ڪائونسل لاء نبي بخش لاکو وائيس نبي بخش ڏاھري جي نالن کي فائينل ڪيو ھو اھڙي طرح ئي يونين ڪائونسل ھوت خان جلباڻي تي به پيپلز پارٽي جا ٻه پينل ٺھي ويا آھن پي پي ٽڪٽ تي چيئرمين لاء اڳوڻو حاجي مٽو چانگ ضلعي ڪائونسل لاء حاجي غلام جان بروھي کي نامزد ڪيو آھي سندن ئي مقابلي ۾ پيپلز پارٽي تعلقه محرابپور جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري منور علي چانگ ضلع ڪائونسل ۽ صديق جلباڻي چيئرمين لاء مظبوط اميدوار آھن ھن يونين ڪائونسل تي به ڪانٽي جو مقابلو ٿيندو

يونين ڪائونسل نئون آباد لاء اڳوڻو چئيرمين لياقت لاشاري ۽ ضلع ڪائونسل عدنان ھاليپوٽو يونين ڪائونسل بھلاڻي لاء پي پي پاران چئيرمين ملڪ شاھ اڪرام ۽ وائيس چئيرمين لاء عبدالحفيظ انڙ ۽ ضلعي ڪائونسل لاء مختيار حسين نانگور يونين ڪائونسل 18 لاء چئرمين محمد قاسم عامر ۽ ضلع ڪائونسل لاء حسين بخش سھتو يونين ڪائونسل ڪوٽڙي ڪبير لاء چيئرمين ثقلين سھتو ۽ ضلع ڪائونسل لاء ميان عدنان پيرزادو کي اميدوار نامزد ڪيا آھن جڏھن جي ڊي اي پاران ڪوٽڙي ڪبير ايڊوڪيٽ جھنڊو خان جروار ۽ ضلع ڪائونسل لاء سيد نثار شاھ کي نامزد ڪيو آھي

يونين ڪائونسل ديھات  اڪرم ڪلھوڙو جي حوالي ڪئي وئي آھي يونين ڪائونسل جئيندو راڄپرچيئرمين لاء مير محسن ٽالپر ۽ ضلع ڪائونسل لاء موليڏنو راڄپر يونين ڪائنسلحاجي ميھر لا۽ محمد علي راڄپر ۽ امير بخش راڄپر مضبوط اميدوار آھن جڏھن ته يونين ڪائونسل سعيد پور لاء شرجيل لاکو چيئرمين ۽ ضلع ڪائونسل لاء سيد اختيار شاھ  اميدوار آھن

ھي به پڙھندا

مڪاني چونڊون ويجھو ايندي ئي سکر واسين جا ڀاڳ کلي ويا، ورھين کان غير فعال 40 فلٽر پلانٽس بحال