خط پاڻ پڙهيو هو، قومي سلامتي ڪميٽي سازش جي تائيد ڪئي: اسد قيصر

0
312
خط پاڻ پڙهيو هو، قومي سلامتي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته هن خط پاڻ پڙهيو هو، خط پڙهڻ بعد ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ٿي

سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي اءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو ته شهباز شريف کي دعوت ڏني ته خط ڏسي پر هن خط نه ڏٺو، اڳوڻي اسپيڪر چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي سازش جي تائيد ڪئي، ڪنهن ملڪ سان ڪا دشمني ناهي، عالمي ضابطن تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي

هن چيو ته اسان کي عدليه تي مڪمل اعتبار آهي، منهنجي طرفان ڊپٽي اسپيڪر رولنگ خلاف نظرثاني اپيل سپريم ڪورٽ ۾ داخل ٿي چڪي آهي. اسد قيصر سوال ڪيو ته آرٽيڪل 95 آرٽيڪل 65 کان مٿانهون آهي؟سپريم ڪورٽ پوائنٽ آف آرڊر پيش ٿيڻ تي اعتراض ڪري سگهي ٿي؟اڳوڻي اسپيڪر جو چوڻ هو ته اسان کي بار بار سليڪٽڊ حڪومت چيو ويو، جيڪو سراسر ڪوڙ آهي. اسد قيصر ٻڌايو ته ڪنهن سفير کي ڪنهن ملڪ خلاف توهين آميز لفظَ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه هئڻ گهرجي