لاهور (م ڊ) اپوزيشن ليڊر شهباز شريف گيس ۽ بجلي جي نئين بحران تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته حڪومت جي بدترين انتظامي تباهي سبب ملڪ ۽ عوام جي مسئلن ۾ روزانو اضافو ڪري رهي آهي، ايندڙ مهيني کان آر ايل اين جي پلانٽ بند ٿيڻ جو مطلب ڊيزل ۽ فرنس جهڙن مهانگن ٻارڻ سان بجلي جي پيداوار ٿيندي، پلانٽ جي مرمت ۽ صفائي جو ڪم نه روڪيو ويو تڏهن به ان جو نتيجو ڳري قيمت جي صورت ۾ قوم کي ئي ڀوڳڻو پوندو، هن چيو ته پهريون مثال آهي ته اضافي ۽ سستي بجلي جا ذريعا موجوده هجڻ باوجود حڪومت مهانگائي بجلي پيدا ڪري رهي آهي ۽ لوڊشيڊنگ به ڪري رهي آهي.